ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاھه چيو آهي ته اسان پنھنجي نصابي ڪتابن ۾ ڪوڙ پڙھائيندا رھيا آھيون، ڪوڙ پڙھندڙ ٻار ڪڏھن مثبت نه ٿي سگھندو، اسان کي پنھنجن ٻارن کي سچ پڙھائڻو پوندو، ڪالهه يوٿ پارليامينٽ پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان اڄ تائين پنھنجن ٻارن کي درست ٻڌائي نه سگھيا آھيون ته ملڪ جو باني قائد اعظم ڪٿي پيدا ٿيو؟ 77 سالن کان اسان اڃا قوم کي درست معلومات نه ڏئي سگھيا آھيون. هن چيو ته محمد بن قاسم جي سنڌ اچڻ واري معاملي کي به چٽو ڪرڻو پوندو، تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ٺاھڻ لاءِ اسان جي وڏن وڏيون قربانيون ڏنيون، منھنجي ڏاڏي قرارداد پاڪستان تي صحيحون ڪيون ھيون، هن چيو ته ملڪ ۾ سياست پڙھيل لکيل ماڻھن کي ڪرڻ گھرجي. ننڍن صوبن ۾ تمام وڏي محرومي آھي، اسان محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ 18 آئين ترميم پاس ڪرائي. هن چيو ته ننڍن صوبن کي حق ملن ها ته بنگلاديش ڌار نه ٿئي ها. هن چيو ته شاگرد سياست تي پابندي سبب وڏو نقصان ٿيو. بلدياتي سياست کان نوجوانن کي سياست شروع ڪرڻ گھرجي. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پاڪستان جي آبادي جو  60 سيڪڙو نوجوانن تي مشتمل آھي، ھڪ منصوبي تحت اسان جي نوجوان نسل کي غير سياسي بڻايو ويو آھي، ضياءَ دور ۾ سياست کي غير متحرڪ ڪيو ويو ھو، اڄ به انهي جو اثر موجود آھي. اسان جي اسڪولن ۾ سياست بابت ٻارن کي آگاھي ڏيڻ گھرجي. جيڪڏھن سٺا ماڻھو سياست ۾ نه ايندا ته خراب ماڻھو اھو خال پورو ڪندا. ملڪ جو نظام تبديل ڪرڻ جي ضرورت آھي.