سکر: قائد اعظم محمد علي جناح سان مشابهت رکندڙ خالد حسين ترين ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ پهچي ويو. قائد اعظم جيان نظر aايندڙ خالد ترين ڌرڻي وارن جي نگاهن جو مرڪز بڻيل رهيو. اِن ڏس ۾ شڪارپور ضلعي جي ميان صاحب سان تعلق رکندڙ خالد حسين ترين سنڌي پٺاڻ پنهجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته وڪيل برادري ۽ سنڌ قوم سان يڪجهتيءَ لاءِ پهتو آهيان، منهنجو چهرو ۽ پوشاڪ قائد اعظم محمد علي جناح سان ملندو آهي. مون کي پوري پاڪستان ۾ قائد اعظم جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. مان پاڪستان جي چئني صوبن ۾ پروگرام ڪندو آهيان. هن چيو ته حقيقت ۾ مان قائد اعظم جو پوئلڳ ۽  ان جو عاشق آهيان. خالد حسين ترين چيو ته مان قوم کي سلام پيش ڪريان ٿو. سنڌي ڀائر، ڀينرون توڙي ٻچو ٻڄو سنڌ جي حقن لاءِ گڏ ٿيو آهي. وڪيلن کي رب سائين همٿ ڏيندو، انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو، رب سائين اسان جي سنڌ ڌرتيءَ کي سرسبز ۽ آباد رکي. اسان سنڌين ۾ ٻڌي، اتحاد جي توفيق ڏئي ته جيئن اسان کي ڪو به حق نه کسي سگهي. اسان پنهنجي حقن خاطر جدوجهد لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته پوري سنڌ ۾ روڊ رستا بند آهن هزارين مال بردار ٽرالر، گاڏيون روڊن تي بيٺل آهن پر ڪنهن کي به ڪو نقصان ناهي پهتو، نه ئي اِن قسم جي ڪا شڪايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن قائد اعظم محمد علي جناح کي فوري طور تي بيماري جي بهاني يرغمال بڻائي بلوچستان ۾ يرغمال بڻائي نه رکيو وڃي ها، هن کي پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو. هو زنده هجي ها ته اسان جو حقيقي اسلامي جمهوريه پاڪستان هجي ها. پاڪستان جو آئين قرآن مجيد آهي، قائد اعظم جي وفات کانپوءِ اسلام آئين نفاذ نه ٿي سگهيو. انگريزون جو عدالتون ۽ نظام جاري آهي، ان نظام ۾ ته ناانصافيون ٿينديون. حقيقي اسلامي جمهوريه پاڪستان هجي ها ته سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي، بنگلاديش جا ڪو به کسي ها.  دارلاحڪومت ڪراچي هئي اسان کان ڌاڙو هڻي پنجاب منتقل ڪئي وئي انشاءَ الله اها به جلد واپس ڪرائينداسين.