ميان صاحب(ن پ ا) ميان صاحب لڳ ڳوٺ زرخيل جي رهواسي قائد اعظم محمد علي جناح جي هم شڪل طور مشهوري ماڻيندڙ خالد حسين ترين تي ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ ٻٻرلوءِ پوليس طرفان ڪوڪڙ چوري جو ڪيس داخل ٿيڻ جون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي خالد حسين ترين چيو ته مان پنهنجي گهر صحيح سلامت ويٺو آهيان، اهڙي ڪابه ڳالھه نه آهي، اها ڪوڙي افواھ سوشل ميڊيا تان ڦهلائي وئي آهي، ان ۾ ڪا به صداقت نه آهي، ڪيس داخل ٿيڻ جون خبرون ڪوڙيون آهن.