قائدِاعظم جيَ روح سان ملاقات: ملڪي حالتن جو چٽو پٽو عڪس

0
65
قائدِاعظم جيَ روح سان ملاقات: ملڪي حالتن جو چٽو پٽو عڪس

 اسان جي ملڪ ۾ گهٽ مشهور ليکڪ پر گڏيل آمريڪا جي منوسٽا يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪندڙ ۽ پنهنجي ان پي ايڇ ڊي جي ساڳي ٿيسز کي “ڪريئيٽنگ اَ نيو مدينا (هڪ نئين مديني جي اڏاوت)”جي ناaلي ۾ ڪتابي صورت ڏيندڙ ڀارتي شهري ۽ تاريخدان “ونڪٽ ڌُلي پالا” جي نالي کان ۽ سندس انهيءَ ڪتاب کان تمام ٿورن ماڻهن کي شناسائي آهي. ذڪر هيٺ سندس ڪتاب کي ڪيمبريج يونيورسٽي پريس، دهلي پاران 2015ع ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو. پنهنجي مخصوص مواد سبب ڪتاب پاڪستان ۾ اڳ ۾ ته دستياب ڪونه هو پر هاڻي ڪافي هنڌن تي دستياب آهي. ڪتاب ۾ پاڪستان جي تحريڪِ آزادي لاءِ اتر انڊيا جي ڪردار کي بحث هيٺ آڻڻ سان گڏ آزادي ماڻڻ کانپوءِ وارين سياسي سماجي حالتن تي ڪافي جاندار نموني سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. مون جڏهن ڪتاب گهرائي پڙهڻ شروع ڪيو آهي ۽ جڏهن ان جو ترجمو ڪيان ٿو پيو ته منهنجي سامهون عجيب  غريب راز  کلي رهيا آهن. جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ جن جن واقعن، تحريڪن يا گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع جي نتيجي ۾ چونڊن جو ٿيڻ ۽ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ (مذهبي تفاوت) ۾ ويڇا وڌڻ جو جيڪو ذڪر ڪيو ويو آهي اهو ڪو نئون نه آهي پر ڪتاب ۾ هنن سڀني شين کي دستاويزي ثبوتن سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي جيڪو ليکڪ جو ڪمال لڳي ٿو. لڳ ڀڳ هڪ هزار کان مٿي ڪتابي، اخباري ۽ دستاويزي حوالن جي روشني ۾ ترتيب ڏنل هي ڪتاب تاريخي طور تي وڏي اهميت وارو آهي. ديباچي، اٺن بابن ۽ تت سان گڏ پنج سئو ڇهن صفحن وارو هي ڪتاب معلومات جي کاڻ آهي.

ڪتاب جي ديباچي جي شروعات قائدِاعظم جيَ روح سان ملاقات سان ٿئي ٿي. ليکڪ جي بقول روح سان محفل ڪرڻ واري وارتا سچي ۽ حقيقت تي ٻڌل آهي ڇاڪاڻ جو ذڪر هيٺ روحاني محفل کي منعقد ڪندڙ ڪو ٻيو نه پر هڪ سرڪاري ڪامورو آهي جنهن هڪ روحاني عالم (اسپريچوئلسٽ) کي هٿ ڪري قائداعظم جي روح سان نه صرف ملاقات ڪئي پر ان کي دستاويزي ويس پهرائي سدائين جي لاءِ محفوظ به ڪري ڇڏيو. ونڪٽ ڌلي پالا به پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو ذڪر ڪري هاڻوڪي ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ ان کي وڌيڪ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ جو اهڙن محفوظاتن (آرڪائيوز) تائين هر ڪنهن جي پهچ ناهي جيڪي سرڪاري دفترن يا محفوظاتن اندر ڪاغذن جي ڍيرن جي صورتن ۾ پيا آهن. ٽن بابن کي پڙهڻ بعد اندازو ٿي ويو آهي ته ڪتاب ۾ پاڪستان جي قائم ٿيڻ وارن سببن کان وٺي، ۽ بعد وارين حالتن يعني رياست جي ڪاروهنوار کي هلائڻ جي هنرن، مارشل لائن، ڪمزور جمهوري ڍانچن، علحدگي پسند تحريڪن، بغاوتي اٿلن پٿلن، هاڃيڪار فرقي پرستين، وڪائو سياسي ۽ بدمعاش اشرافيائن جو جيڪو ذڪر ڪيو ويو آهي.

انهن کي جهڙي طرح سان ليکڪ پاران پنهنجي علمي بحث هيٺ آندو ويو آهي ان سڄي صورتحال کي قائداعظم جو روح پنهنجي ٽن چئن جملن ۾ بيان ڪري ٿو ۽ محسوس ڪرائي ٿو ته پاڪستان جي باني قائداعظم جو روح ڪيڏو بي چين آهي ته رياست کي اسان جي اها اشرافيا جنهن جي هٿن ۾ ان جي قسمت آهي ڪيئن ٻنهي هٿن سان لٽي رهي آهي. ڪيئن اڄ ڏينهن تائين اقتداري ڊوڙ لاءِ ترنمي ڪرسي (ميوزيڪل چيئر) واري راند کي جاري رکيو پيو وڃي. پاڪستان اڄ ڏينهن تائين پنهنجي مناسب منزل کي ڇو حاصل نه ڪري سگهيو آهي؟ ۽ ڇو ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو ڌٻڻ ۾ هيٺ لهندو! سياسي حڪومتون ڇو ڪمزور ۽ فوجي آمر ڇو پنهنجي غيرآئيني قدمن کي جواز بخشن ٿا. هي آرٽيڪل ڪتاب تي تبصرو نه پر اها سرسري ڄاڻ ڏيڻ آهي ته ڪيئن پاڪستان اڄ به پنهنجي ان منزل کان ڪوهين ڏور بيٺو آهي جيڪا ان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري ۽ عوام جي زندگين ۾ خوشحالي آڻي ۽ اڄ به اسان جا حڪمران ان سوچ ۾ غرق آهن جن جو ذڪر قائداعظم جو روح ان ذڪر هيٺ محفل ۾ ڪري ٿو. هيٺ ڪتاب جي ديباچي جو صرف اهو منڍ ڏجي ٿو جنهن ۾ ان ملاقات جو ذڪر ٿيل آهي.

ڌلي پالا لکي ٿو: برطانيا جي شهر لنڊن جي هڪ لئبرري ۾ موجود انڊيا آفيس ڪليشنز واري سيڪشن ۾ پنهنجي ڊگهي تحقيق جي پڄاڻي تي اتفاق سان منهنجو هڪ اهڙي دستاويز سان واسطو پيو جنهن مونکي ڌوڏي ڇڏيو. اهو دستاويز ماضي جي ڪيترين ئي مائڪرو فلمز جي ڍير جي وچ ۾ مون کي نمايان طور تي نظر آيو. جيڪو قائدِاعظم محمد علي جناح جي خانگي (ذاتي) ڪاغذن جي حوالي سان هو. هٿ سان لکيل اهو دستاويز پنهنجي ڌنڌلي لکائي واري ڏيک سان گڏ هڪ خاص روحاني محفل (اجلاس) جو رڪارڊ هو. قائدِ اعظم (عظيم اڳواڻ) جي روح سان اها ملاقات 13 مارچ، 1955ع ۾، شام جو 6 وڳي منعقد ڪئي وئي يعني لڳ ڀڳ هن جي وفات جي ستن سالن بعد ۽ پاڪستان کي قائم ٿيندي اٺن سالن بعد. روحاني محفل کي هڪ روحاني عالم پاران منعقد ڪيو پئي ويو جنهن کي هڪ ڀروسي جوڳي سرڪاري ڪاموري مسٽر ابراهيم اجرت تي حاصل ڪيو هو جيڪو پاڻ موقعي تي موجود هو ۽ سوالَ به پاڻ ئي پڇي رهيو هو. روحاني عالم تمام  سهڻي نموني سان عملي طرح ڪارروائي جو آغاز ڪيو. پنهنجي عزت ماب مهمان کي نشست تي ويهڻ جي آڇ ڪئي ته روحَ بيزارگي سان ورندي ڏني ته اهو اڳ ۾ ئي نشست تي ويٺل آهي. روح هي پڻ ٻڌايو ته ساڳي قسم جي اجلاس جي حوالي سان اهي اڳ ۾ به ڪٿي ملي چڪا آهن. روحاني عالم ملاقات ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندي قائد جي صحت جي باري ۾ پڇا ڪئي. جيئن ته پوئين اجلاس جي باري ۾ روح شڪايت ڪئي هئي ته، “اها هڪ گهگهه اوندهه واري ۽ ٿڌي جاءِ هئي، جيڪا هن کي گهڻو نه وڻي هئي.

هن جواب ڏيندي چيو ته هاڻي اهو ڪافي خوش آهي ڇاڪاڻ جو اهو هاڻي هڪ اهڙي جاءِ ۾ آهي جيڪا شاندار نموني سان روشن آهي ۽ گلن ڦلن جو تعداد به ڪافي آهي.” رسمي حال احوال ڪرڻ بعد ۽ پنهنجي ڪارروائي کي عملي طرح سان شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ سنجيندو ٿيندي، جيئن ته قائدِاعظم پنهنجي زندگي ۾ سگريٽ پيئڻ جو وڏو شوقين هو سو روح کان پڇا ڪئي وئي ته جيڪڏهن اهو سگريٽ پيئڻ چاهي ته ان جو بندوبست به ڪيو ويو آهي. هاڪاري جواب جي بنياد تي، هڪ سگريٽ کي دکايو ويو ۽ هڪ تار دِڪي (وائر اسٽينڊ) تي لڳايو ويو ته جيئن سوالن جا جواب ڏيڻ دوران روح ان جا ڪش به لڳائيندو رهي. مسٽر ابراهيم سوال پڇڻ شروع ڪيا، “سر بطور پاڪستان جي تخليقار ۽ باني جي، ڇا هاڻي توهان قوم جي منزل جي حاصلات جي لاءِ رهنمائي ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه چوندا؟” روح چڙون سٽيندي ورندي ڏني. “ڳالهه هي نه آهي ته پاڪستان جي منزل جي رهنمائي جي لاءِ وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي ضرورت آهي.” ايتري تائين جو ان پنهنجي بيزارگي کي شمار ڪندي چيو ته “مون پاڪستان جي باري ۾ شيطاني تصويرن کي چمڪندي ڏٺو آهي.” حيران و پريشان ٿيندڙ مسٽر ابراهيم سوال پڇيو ته، ڇا توهان پاڪستان جي سکيي ستابي مستقبل جي لاءِ فڪرمند نه آهيو؟” روح بي رخيءَ سان جواب ڏنو ته، “نه… مونکي ايئن نٿو لڳي. ڪنهن به ملڪ جي خوشحالي جو دارومدار انهن ماڻهن جي بي غرضي (قرباني) تي آهي جيڪي هن جي قسمت (منزل) کي پنهنجي هٿن ۾ رکيون ويٺا آهن. اتي ڪير به بي غرضي جي لاءِ آتو ناهي.” مسٽر ابراهيم وڌيڪ زور ڀريو، “توهان پاڪستان جي هاڻوڪن حڪمرانن کي ڪهڙي صلاح ڏيڻ چاهيندا؟” بنا دير جواب آيو، “بي غرضي، بي غرضي. صرف اهائي هڪ صلاح آهي جيڪا مان هاڻي هنن کي ڏيڻ چاهيندس.” روح بعد ۾ حيرت انگيز ڳالهه ڪئي. “هڪ ملڪ کي حاصل ڪرڻ تمام گهڻو سولو آهي، پر ان کي برقرار رکڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. اهائي هڪ مڪمل شڪل  صورت آهي اڄڪلهه جي پاڪستان جي جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ رت جون نديون وهايون ويون.”