سکر (بيورو رپورٽ) سکر لڳ ڳوٺ حسين بخش جتوئي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي کاهوڙي ڪردار زاهدهه شيخ جي ستين ورسي ملهائي وئي، جنهن ۾ گيت، تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ جي سورمي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ورسي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي شمشاد ٻپڙ، روبينا ڀٽي، ريحانه بلوچ، نور بانو بروهي، حنا جتوئي، ماهنور لاڙڪ، عائشه لاڙڪ، ماهرنگ بلوچ، سنڌياڻي بلوچ، بينظير بلوچ، شهزور، صغرا، ماريا، صاحبه، مائرهه ۽ ٻين چيو ته زاهدهه شيخ لطيف جي کاهوڙي ڪردارن جو عڪس آهي، هوءَ سنڌ جي مظلوم عورتن جي اڳواڻ هئي، اسين زاهدهه شيخ جي جدوجھد کي سلام پيش ڪريون ٿا، هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي سهڪار سان سنڌ مٿان هن وقت گهڻ طرفو حملو ڪيو ويو آهي، هڪ پاسي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن ته ٻئي طرف ڇهه نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جو پاڻي روڪيو پيو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي عورتن کي وڏي انگ ۾ جدوجھد جي ميدان ۾ اچڻو پوندو.