فڪر کان فريب تائين

0
35
فڪر کان فريب تائين

 عالمگير سياست جو هاڻوڪو منظرنامو هڪ خطرناڪ تبديليءَ مان گذري رهيو آهي، جتي اڳواڻن جي چونڊ فڪري صلاحيتن، تاريخي شعور، ۽ انساني مسئلن جي سمجهه بدران مشھوري، سرمائي داري مفادن، ۽ ڪارپوريٽ برانڊنگ جي بنيادن تي ٿي رهي آهي. خاص طور تي آمريڪا، جيڪو دنيا جي طاقتور ترين رياستن مان هڪ آهي، اتي سياسي قيادت جو معيار پوري دنيا لاءِ هڪ رستو ٺاھي ٿو. پر بدقسمتي سان، آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ اهڙا ماڻهو اچي رهيا آهن، جن جي ترجيح عوامي خدمت نه پر ذاتي شھرت ۽ واپار جي واڌاري تي کُتل آهي. ان ڏيک جون تمام گهڻيون ڀيانڪ علامتون ڊونالڊ ٽرمپ ۽ ايلن مسڪ جھڙن ڪردارن ۾ چٽي نموني نظر اچن ٿيون.

                 ڊونالڊ ٽرمپ جي باري ۾ جيڪڏهن تجزيو ڪجي ته، هن جي سياست ۾ اچڻ کان اڳ جو پورو پس منظر ڪاروبار، ريئل اسٽيٽ، ۽ ٽي وي شوز تي ٻڌل هو. هن جي سياست ۾ اچڻ خود سياست لاءِ هڪ نئون لاڙو متعين ڪيو، جتي حڪمت عمليءَ جي جاءِ تي جذباتي بيان، سفارتڪاريءَ جي جاءِ تي ھٺ ۽ انا، ۽ حقيقت جي جاءِ تي افواهن کي ترجيح ڏني وئي. ٽرمپ پنھنجي حڪمراني دوران ميڊيا کي عوام جو دشمن قرار ڏئي ٿو، ھن ادارن تي الزام هنيا، نسل پرستيءَ کي وڌايو، ۽ آمريڪي سماج کي هڪ خطرناڪ ورهاست ڏانھن وٺي ويو. سندس “سڀ کان پھريون آمريڪا” پاليسي، عالمي اتحادن ۽ ادارن سان لاڳاپا خراب ڪندي، آمريڪا کي عالمي سياست جي هڪ خودغرض ڪردار ۾ بدلائي ڇڏيو. سندس زبان، اندازِ حڪمراني، ۽ فيصلا بلڪل انهن اداڪارن وانگر هئا، جيڪي اسٽيج تي پنھنجي ڪردار کي چمڪائڻ لاءِ اڌ سچيون ڳالهيون ڪندا آهن، مگر حقيقت ۾ انهن جي گفتگوءَ جي پويان ڪا سياسي بصيرت يا فلسفو نه ملندو. ٽرمپ لاءِ سياست رڳو هڪ ريئلٽي شو هو، جتي اسٽيج تي رهڻ، سرخيون وٺڻ، ۽ پنھنجو نالو هلائڻ بنيادي مقصد لڳي رهيو هو، نه وري قوم جي واڌاري يا عوام جي مسئلن جو حل!ھاڻي وري ايلن مسڪ جو ڪردار به ساڳئي رجحان جو تسلسل آهي. هو اصل ۾ هڪ ڪاروباري انسان آهي، جنھن ٽيڪنالاجيءَ ۾ جديد ايجادن جي ذريعي نالو ڪمايو. پر وقت سان گڏ، خاص طور تي ٽوئٽر ۽ هاڻوڪو “ايڪس” خريد ڪرڻ کان پوءِ، هُو پنھنجي معاشي طاقت کي سياسي اثر ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو آھي. مسڪ جي گفتگوءَ، پاليسين ۽ آن لائن روين مان ائين لڳي ٿو ڄڻ هُو هڪ اهڙو ماڻهو آهي، جيڪو آمريڪا کي رڳو ڪاروباري اک سان ڏسي ٿو، جتي انسانيت، اخلاقيات ۽ برابريءَ کان وڌيڪ فائدو، پيداوار ۽ چٽاڀيٽيءَ کي ئي اوليت حاصل آهي. ايلن مسڪ جھڙا ڪاروباري ماڻهو جڏهن سياست ۾ اثرانداز ٿين ٿا ته رياست جي تصور مان “فلاحي رياست” جو تصور ختم ٿيڻ لڳي ٿو، ۽ ان جي جاءِ تي هڪ اهڙو نظام قائم ٿيڻ شروع ٿئي ٿو، جتي شھرين کي مزدور يا روبوٽ وانگر سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي رڳو ڪم لاءِ پيدا ٿيا آهن، ۽ جن جي ضرورت صرف ايتري آهي جيتري مشين کي هوندي آهي.

اهو رجحان بنيادي طور تي رياست جي اخلاقي جوڙجڪ لاءِ خطرو آهي. هڪ رياست جو بنيادي ڪردار رڳو قانون لاڳو ڪرڻ يا ماليات گڏ ڪرڻ ناھي ھوندو، پر انساني ترقي، سماجي انصاف، صحت، تعليم، روزگار، ۽ عزتدار زندگيءَ جي فراهميءَ لاءِ ڪم ڪرڻ آهي. جيڪڏهن رياست صرف فائدي، پيداواريت، يا مالي مفادن تي ڪم ڪري، ۽ پنھنجي شھرين کي اجرتي مزدور سمجهي، ته ھوبھو اھو ساڳيو ئي عمل ته قديم فرعوني سلطنتن ۾ پڻ ٿيندو هو. جتي عوام کي پورهئي لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، پر سندن حقن، امن، يا ڀلائيءَ بابت ڪا ذميواري محسوس نه ڪئي ويندي هئي. فرعون پنھنجي قوم کي پٿر کڻائڻ لاءِ پيدا ڪيل سمجهندو هو، جنھن جي حيواني محنتن کان پوءِ کين ٻه ڳڀا ڏيئي چوندو ھو ھاڻي مان اوھان کي کارايان ٿو يعني مان اوھان جو رب آھيان، سو ھاڻي مون کي پوڄيو؛ ساڳي نموني سان جديد دور جا ڪارپوريٽ ذهنيت رکندڙ اڳواڻ به پنھنجي شهرين کي صرف معاشي اوزار ئي ته سمجهي رهيا آهن، بلڪل فرعونن جيان!

اڄ جي دنيا ۾ اها سچائي روز بروز وڌيڪ وائکي ٿي رهي آهي ته سياسي طاقت هاڻ نظرياتي ليڊرن جي بدران ڪاروباري شخصيتن جي هٿن ۾ اچي چڪي آهي، جيڪي سياست کي ڪمپنين جيان هلائڻ چاهين ٿا. ان جو نتيجو اهو ٿي رهيو آهي ته رياست جا وسيلا صرف چونڊيل حلقن يا مالدار طبقن تائين محدود ٿي رهيا آهن، جڏهن ته عوام کي اجرتي ڪم، گهٽ معاوضو، مھانگائي سان ڀرپور ۽ بنيادي حقن کان محروم زندگي ملي رهي آهي. جيڪڏهن رياست فلاحي نه رهندي ته پوءِ اها ڪو وڏو ڪاروباري ادارو بڻجي وڃي ٿي، جتي قانون به منافعي لاءِ بڻايا وڃن ٿا، ۽ فيصلا به انهن جي ئي فائدن ۾ ٿين ٿا، جيڪي پھريان ئي طاقتور آهن.

ان سڄي صورتحال مان اهو صاف ظاهر آهي ته دنيا کي هڪ نئين قسم جي سياسي جاڳرتا جي ضرورت آهي، جتي عوام جي ڀلائي کي واپار کان اڳتي رکيو وڃي، ۽ قيادت کي رڳو مشھوريءَ جي بنياد تي نه پر فڪر، خدمت، ۽ اخلاص جي بنياد تي چونڊيو وڃي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته تاريخ پاڻ کي نه ورجائيندي، پر اڳ کان وڌيڪ خطرناڪ طريقي سان پاڻ کي دهرائيندي جتي فرعون ته هوندو، پر هن ڀيري سندس تاج سون جو نه پر سيليڪون، ڪمپيوٽر چپ ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٻڌل هوندو.ھتي پاڻ وٽ پنھنجي ملڪ پاڪستان جي سياسي حالتن جي عڪاسي، جيڪا مٿئين عالمي سياسي رجحانن نه رڳو ھڪ ڪرِي آهي، پر ان جا اڃا ڪجهه وڌيڪ منجهيل ۽ خطرناڪ روپ به پڻ ملن ٿا.

اسان جي ملڪ جي سياست تي به گذريل ڏهاڪن ۾ تمام گھرو اثر پيو آهي. هتي به اڳواڻن جي چونڊ جو معيار علم، فھم، تاريخي شعور، يا انساني فڪر نه رهيو، پر مقبوليت، ميڊيا تي ڇانيل هجڻ، ۽ ناويدہ قوتن جي آشيرواد تي ٻڌل ٿي ويو آهي. پاڪستان جي جديد سياسي تاريخ ۾ اسين ڏسون ٿا ته ڪيئن هڪ پاپولر ٽي وي شخصيت، ڪيبل جي نالي سان مشھور ٿيل نعرن ۽ نعري بازين ذريعي سياست ۾ آيو ۽ وڏو عوامي هجوم حاصل ڪيو. پر، ان سياسي عمل ۾ سنجيدگيءَ بدران جذباتيت، فڪر جي جاءِ تي نعرا، ۽ ادارن جي احترام جي جاءِ تي تڪبر ڏٺو ويو. ان کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪنھن قدرتي ترقيءَ جو نتيجو نه، بلڪه خاص منصوبي، حڪمت عملي، ۽ “حقيقي نظريي جي جاءِ تي منصوبه بنديءَ” جو نتيجو هئو.

ھاڻي ھتي سياست هڪ اهڙي مشين بڻجي وئي آهي، جتي اصل طاقت ادارن، لڪيل قوتن، ۽ نظر نه ايندڙ هٿن وٽ آهن، جڏهن ته سياسي اڳواڻ رڳو “مُنڍيُون” بڻجي ويا آهن؛ بظاھر چمڪندڙ، متنازع، مگر عملن ۾ سئو سيڪڙو بي اثر! ان حالت ۾ جڏهن ڪنھن کي وزيراعظم بڻايو وڃي ٿو ته ان جو معيار سندس اصل سياسي تجربو يا علم نه هوندو آهي، پر اهو ڏٺو ويندو آهي ته اهو ڪيترو “قابلِ قابو” آهي، ڪيترو ميڊيا تي “وڪامي” ٿو ۽ اھو ڪيترو عوام کي ڄٽ ڪري مصروف رکي سگهي ٿو بغير حقيقتن تي ڌيان ڏيڻ جي!

ايلن مسڪ جھڙن ڪاروباري ذهنن جو اثر هتي به نظر اچي ٿو، جتي سياست ڪاروبار بڻجي وئي آهي، اليڪشن مُهمون ڪاروباري پراجيڪٽ لڳن ٿيون، پاليسيون اشتھاري مھمن جيان هلن ٿيون، ۽ حڪومتون اشتھارن ۽ رعايتن جي زبان ۾ هلن ٿيون. نتيجو اهو ٿيو آهي ته پاڪستاني عوام، جيڪو ڪنھن دور ۾ سياسي طور تي باشعور، تحريڪن ۾ ڀرپور، ۽ فڪر جي اثاثن سان مالامال هو، اهو اڄ ڪلهه رڳو سوشل ميڊيا جي خبرن، وڊيو ڪلپن، ۽ منافقاڻي نعري بازيءَ تائين محدود ٿي ويو آهي.رياست جي “فلاحي” هجڻ جو تصور اڄ سئو سيڪڙو ختم ٿي چڪو آهي. رياست جيڪا ماڻهن جي تعليم، صحت، روزگار، ۽ تحفظ لاءِ هجڻ کپي، سا اڄ رڳو ٽئڪس وٺڻ، سبسڊي گهٽائڻ، ۽ عوام کي آسري تي جيئڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جو نظام بڻجي چڪي آهي. عام شھريءَ کي نڪي صحت جي ضمانت آهي، نڪي انصاف جي، نڪي تعليم جي، ۽ نڪي عزت جي. مزدور کي گهٽ اجرت ملي ٿي، استاد کي حق نه ٿو ملي، ۽ شاگردن کي رڳو بيروزگاري. ان حالت ۾ رياست وڌيڪ فرعونيت ڏيکاري ٿي، جتي عوام کي رڳو حڪم ملي ٿو، پر کين حق نه!

اهڙي رياست ۾ سياستدان، نڪي رهنما رهيا آهن، نڪي خدمتگار، پر اداڪار ٿي ويا آهن. هتي به جيئن دنيا جي ٻين حصن ۾، علمي فڪر، معاشي فھم، ۽ اخلاقي قيادت جي جاءِ تي “وائرل ٿيڻ”، “ٽرينڊنگ هئڻ”، ۽ “پرائيم ٽائيم تي اچڻ” اهم بڻجي ويو آهي.

پر دوستو! جيڪڏهن پاڪستان کي صحيح رستي تي آڻڻو آهي ته هن ملڪ کي وري اُن سياست ڏانھن موٽڻو پوندو، جيڪا عوام جي ڀلائيءَ لاءِ هئي، جيڪا تعليم ۽ سوچ کي ترجيح ڏيندڙ هئي، ۽ جيڪا ميڊيا جي شوبازي نه پر اصولن جي سياست ۾ هئي. پاڪستان کي به پنھنجا مھاتير، منڊيلا، يا برانٽ گهرجن؛ نه وري سستا نعرن وارا “ليڊر” جيڪي اصل طاقتور هٿن جي شطرنج جا مھرن کان وڌيڪ ناهن. جيڪڏهن قومون باشعور نه ٿيون ته سياستدان ضرور اداڪار بڻجن ٿا ۽ تماشبين جمهوريت ۾، ظالمن جا هٿ هميشه کلندا آهن.

سچ ته ھي ئي وقت آهي ته اسان سوال ڪيون: ڇا اسان به تماشو ڏسڻ وارا بڻجي چڪا آهيون؟ يا فڪر ڪرڻ وارا رهنداسين؟ ڇو ته تاريخ هميشه تماشبينن کي نه پر سوال ڪندڙن کي ياد رکندي آهي.