انساني تاريخ رڳو بادشاهن، جنگين يا انقلابن جي ڪهاڻي ناهي؛ اها شعور، فڪر، ۽ ضمير جي اڻٿڪ بغاوتن جي به تاريخ آهي. جڏهن به ظلم، جبر يا ناانصافي انساني آزادي، عزت، يا سڃاڻپ تي حملو ڪيو آهي، تڏهن تڏهن قلم، فڪر، ۽ سوچ ان جي سامهون سينو تاڻي بيٺا آهن. بغاوت رڳو هٿيار کڻڻ جو نالو نه آهي. اها هڪ اخلاقي، فڪري ۽ وجودي جاکوڙ آهي، جيڪا انسان جي فطرت، عزت ۽ آزاديءَ لاءِ بيهڻ جو نالو آهي. ظلم ۽ ناانصافيءَ خلاف بغاوت هڪ فطري، اخلاقي، ۽ وجودي ردعمل آهي. اها صرف غصي جي باھ ناهي، بلڪه عزت، سڃاڻپ ۽ آزاديءَ لاءِ بيهڻ جو سڏ آهي. البرٽ ڪيمو جي نظر ۾ مزاحمت انساني فطرت جو لازمي حصو آهي. اهو انڪار جنهن جي اندر آزاديءَ جي ڳولا سمايل آهي. بغاوت فرد جي ضمير، عقل ۽ آزاد فڪر مان جنم وٺندي آهي. اها بي مقصد تشدد نه، پر انسانيت، اخلاقيات، ۽ همدردي تي ٻڌل موقف هوندي آهي. جڏهن حڪومتون ماڻهن جي آزادي، عزت ۽ حقن تي پابنديون مڙهين ٿيون، ته فطري طور مزاحمت جنم وٺي ٿي. هي مزاحمت ڪڏهن عوامي احتجاج جي صورت ۾، ته ڪڏهن خاموش انڪار يا سوچ جي تبديلين جي صورت ۾ سامهون ايندي آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ظلم جي خلاف مزاحمت جو سڀ کان اثرائتو هٿيار شعور رھيو آهي. جيئن فوڪو چيو آھي ته، جديد رياستون ماڻهن تي جسماني نه، پر نفسياتي ضابطو قائم ڪن ٿيون. اسڪول، جيل، اسپتال ۽ ٻيا ادارا انسان کي پنھنجو پاڻ تي نگراني ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا. اهڙي مطلق العنانيت جو حل سياسي عمل ۽ اجتماعي شعور کي ٻيهر زنده ڪرڻ آهي. ائين ڪرڻ لاءِ پهريون قدم سوال ڪرڻ، تنقيد ڪرڻ، ۽ شعوري مزاحمت اختيار ڪرڻ آهي.
نوآبادياتي نظام به ظلم جو اهڙو ئي روپ آهي، جيڪو نه رڳو وسيلن جي ڦر ڪري ٿو، پر ماڻهن جي نفسيات کي به غلام بڻائي ڇڏي ٿو. فانون موجب اهڙي غلاميءَ خلاف ڪڏهن ڪڏهن عزت بحال ڪرائڻ لاءِ مزاحمت پرتشدد به ٿي سگھي ٿي. ڪجھه تحريڪون پر امن جدوجهد، عدم تشدد، اصولي سياست، ۽ مفاهمت جي بھترين مثال رھيون آھن جيئن نيلسن منڊيلا ۽ مارٽن لوٿر ڪنگ جي جدوجهد، اھي اهڙي اخلاقي مزاحمت جون شاهڪار تصويرون آهن، جتي بنا هٿيارن جي ظلم کي لوڏيو ويو. اهڙو سماج جتي رياستون ماڻهن جي سوچ، زبان، تاريخ ۽ خواهشن تي ڪنٽرول ڪن ٿيون ننڍا عمل، پڙهڻ، پيار ڪرڻ، سوچڻ، بغاوت جي علامتن طور سمجھيا وڃن ٿا. ضمير جي آواز روشنيءَ جي لاٽ بڻجندو آهي. عورتن جي جدوجهد به اهڙي مزاحمت جو اهم حصو آهي. ڪيئن عورتون جنگ، جبر ۽ روايتن جي زنجيرن کي ٽوڙي، آزاديءَ جي راھ اختيار ڪن ٿيون. انهن جو علم، آواز، ۽ يادون مزاحمت جا اوزار بڻجي، سماجي ڍانچن کي للڪارن ٿيون. پر بغاوت کي اقتدار جي حوس کان بچائڻ ضروري آهي. انقلابن جي تاريخ مان ثابت ٿئي ٿو ته جڏهن اصول وساري اقتدار کي ترجيح ڏني وڃي، ته جدوجهد جو اخلاقي روح ختم ٿي وڃي ٿو. حقيقي بغاوت اقتدار لاءِ نه، انسانيت لاءِ هجڻ گهرجي، جتي اخلاص، عقل، ۽ اصولن جي بالادستي قائم هجي.
مزاحمت جو ميدان رڳو سياسي نه، پر سماجي، ثقافتي، ۽ ذاتي هجي ٿو. جڏهن نوجوان خاموشي، روايت، ۽ سماجي دٻاءَ کي چئلينج ڪن ٿا، ته اُهي ننڍڙا قدم وڏي تبديليءَ جو رستو بڻجن ٿا. اهڙي تحريڪ، جيڪا پارٽيءَ جي قيادت کان آزاد هجي، ان جي طاقت فرد جي شعوري بيداري، اخلاقي جُرئت ۽ گڏيل حڪمت عمليءَ تي هوندي آهي. اهڙي جدوجهد ۾ سوچ، اخلاقي دليري ۽ عقل جي بنياد تي هر فرد پاڻ اڳواڻ هوندو آھي. ان قسم جي مزاحمت ۾ اهم ڳالهه اھا ھوندي آهي ته احتجاج ڪندڙ ظلم کي بيان ڪن، ان کي نروار ڪن، ۽ ماڻهن کي منظم ڪن. اهڙي تحريڪ ۾ اخلاقي برتري قائم رکڻ ضروري آهي ته جيئن ان جي ساک محفوظ رهي. سچائي، شفافيت، ۽ عوام جي ڀلائي کي ترجيح ڏيڻ ئي تحريڪ جي طاقت جو سرچشمو آهي. ان لاءِ اظهار جي آزادي، تعليم جي اهميت، ۽ عورتن سميت هر طبقي جي برابريءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي.
ڪڏھن ڪڏھن ظلم خلاف، “رستا بند ڪرڻ” جو علامتي عمل به هڪ اثرائتو احتجاج بڻجي ٿو. اهو رڳو ٽريفڪ جي روڪ نه، پر نظام جي بيحسيءَ خلاف اڻ سڌو سڏ ھوندو آهي. اهڙي عمل جو مقصد ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ، ۽ رياست کي ڌيان ڏيڻ تي مجبور ڪرڻ ھوندو آهي. ‘هنري ڊيوڊ ٿورو’ جو خيال آهي ته جڏهن قانون انسانيت خلاف هجي، ته ان جي نافرماني اخلاقي فرض آهي. انساني تاريخ مان اهم اھو سبق مليو آهي ته مزاحمت صرف جلسن، جلوسن يا نعريبازيءَ تائين محدود نه هجڻ گهرجي، بلڪه اها روزمره جي عمل، ادبي اظهار، ۽ ثقافتي سرگرمين جي ذريعي به جاري رهڻ گهرجي. جڏهن اڳواڻ موجود نه هجن، تڏهن عام ماڻهونءَ جو شعور، اتحاد، ۽ اخلاقي سچائي ئي ڪنهن به تحريڪ جو مرڪز بڻجي سگهن ٿا. اهڙي مزاحمت نه فقط سياسي تبديليءَ جو ذريعو بڻجي ٿي، پر اها انسانيت جي نئين سر تعمير لاءِ هڪ اخلاقي ۽ فڪري واٽ پڻ پيش ڪري ٿي.
اڄ جي دنيا ۾، جتي بي انصافي، انتهاپسندي، ۽ نفسياتي غلامي موجود آهي، اتي علم، شعور، ۽ ادب ذريعي مزاحمت کي زنده رکڻ وقت جي اهم تقاضا آهي. جيئن ھڪ ڏاھي ڪيمو چيو آھي ته: “بغاوت، انڪار مان جنم وٺندي آهي، پر آزادي جي تلاش ۾ هڪ اخلاقي سچ بڻجي وڃي ٿي”. مزاحمت هميشه ظلم جي خلاف اظهار جو هڪ روپ رهي آهي، ڪڏهن قلم سان، ڪڏهن احتجاج سان، ته ڪڏهن رستن تي بيهڻ سان.
پاڪستان، خاص ڪري سنڌ، ۾ عوامي احتجاجن جو تاريخي جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اھا هڪ ڊگهي، پيچيده ۽ جذباتي ڪهاڻي وانگر آهي، جيڪا نه رڳو سياسي بيداريءَ کي ظاهر ڪري ٿي، پر حڪومتي پاليسين خلاف عوامي ردعمل، حقن جي جدوجهد ۽ اجتماعي شعور جو به اظهار آهي. 1947ع کان پوءِ، جتي پاڪستان جو سياسي ڍانچو جڙي رهيو هو، اتي ئي سنڌ جي ماڻهن پنهنجي سڃاڻپ، وسيلن، ٻولي، تعليم، ملازمتن، ۽ سياسي حقن لاءِ آواز اٿارڻ شروع ڪيو. 1952ع ۾ ٻوليءَ بابت بنگالي عوام سان يڪجهتي جي طور تي سنڌ ۾ شاگردن مظاهرا ڪيا. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ايوب خان جي آمريت خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۾ سنڌ جي شاگردن، استادن ۽ سياسي ڪارڪنن بنيادي ڪردار ادا ڪيو. 1972ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري حيثيت کي مڃائڻ لاءِ ٿيل احتجاج تاريخي اهميت رکي ٿو، جنهن دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي ۽ شهيد ٿيا، پر ان جي نتيجي ۾ سنڌي ٻولي سرڪاري طور تسليم ڪئي وئي. 1983ع ۾ تحريڪ بحالي جمھوريت (ايم آر ڊي) جي دوران، خاص ڪري سنڌ جي ڏاکڻين ۽ مرڪزي علائقن ۾، وڏا احتجاج، جلسا ۽ جلوس ٿيا، جن ۾ هزارين ماڻهن حصو ورتو؛ پوليس تشدد، گرفتارين ۽ شهادتن باوجود، سنڌ جي عوام آمريت خلاف هڪ مثالي مزاحمت ڪئي. ان کان سواءِ، 1990ع کان بعد 2000ع ۽ 2010ع واري ڏهاڪي ۾، پاڻي جي ورڇ، وسيلن ۽ زمينن تي قبضن، تعليم ۽ صحت جي ناڪامي، ۽ ڪرپشن خلاف ڳوٺاڻن توڙي شهري علائقن ۾ احتجاج ٿيا. خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور سان گڏوگڏ ٿرپارڪر، بدين ۽ نوشهرو فيروز جهڙن ضلعن ۾ عوامي مزاحمت ۽ جلسن جو تسلسل رهيو. ھينئر به ڪجهه سالن کان، نوجوانن جي تحريڪن، شاگرد يونين جي بحالي، عورتن جي حقن، زمينن جي بچاءَ، ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ به منظم احتجاج سامهون آيا. سنڌ جي احتجاجي تاريخ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جو عوام هميشه سنڌ جي وحدت، سنڌو درياءَ، حقن، سڃاڻپ، ۽ جمهوريت لاءِ بيهڻ ڄاڻي ٿو، ۽ ظلم، جبر ۽ ناانصافي خلاف آواز اٿارڻ سندس تاريخي ورثو آهي. سنڌ جي مزاحمتي تاريخي ورثي کي ورجائيندي، سنڌ واسين، خاص طور تي سنڌ جي وڪيلن طرفان پنجاب ۾ سنڌو درياهه مان ڇهن نون ڪينالن جي منصوبي ۽ سنڌ جي زمينن جي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي نيلامي خلاف آواز بلند ڪيو آهي. سترنهن اپريل 2025ع کان سنڌ بار ڪائونسل، ڪراچي بار ايسوسيئشن ۽ ٻين شھرن جون بار ڪائونسلون ٻٻرلوءِ، سکر وٽ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آھن.
ڏٺو وڃي ته ڪجهه عرصو اڳ عام تاثر اهو هو ته سنڌ هاڻي انهن تحريڪن واري سرزمين ناهي رهي، جيڪا ماضيءَ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ کان وٺي ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻا ڏيئي چڪي آهي. شايد ان صورتحال کي ڏسندي حڪمرانن تڪڙو فيصلو ڪري، نوان ڪينال کوٽڻ، ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمينون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جنھن سنڌ جي ماڻھن کي ستل گھري ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳائي ڇڏيو آهي. حالانڪ سنڌ جو گذريل ڪيتري عرصي کان غربت، بدامني، بيروزگاري، سھولتن جي اڻھوند باوجود به خاموش بڻيل رھيو. ماضيءَ جي تحريڪن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي وحدت ۽ سنڌو درياهه جي پاڻيء خلاف ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا. ھينئر لڳي ٿو ڄڻ سموري سنڌ جا ماڻهو احتجاج ۾ شامل آهن، ٻار، نوجوان، عورتون، پوڙها، شاگرد، مزدور، استاد، شاعر، اديب، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن، سڀ گڏجي هڪ ئي نعرو هڻن پيا “ڪينال سمورا نامنظور”، ان جدوجھد جو ٻٻرلوءِ مرڪز بڻجي ويو آهي ۽ سنڌ جي حوصلي، شعور ۽ مزاحمت جا علمبردار سنڌ جا وڪيل بڻجي چڪا آھن.
سنڌ جو مزاحمتي ورثو انهيءَ حقيقت جي شاهدي ڏئي ٿو ته هي سرزمين نه فقط سورن جي گواهه رهي آهي، پر شعور جي شعلن سان ظلم کي للڪارڻ جي سگهه پڻ رکي ٿي. نوجوانن جي سوچ، عورتن جي همت، ليکڪن جا لفظ، وڪيلن جي للڪار، ۽ عام ماڻهونءَ جا بيباڪ آواز، اهي سڀ ان تاريخي تسلسل جو حصو آهن، جيڪو ظاهري خاموشيءَ جي پردي پٺيان مسلسل گونجي رهيو آهي. اڄ جڏهن سنڌ جي وسيلن، سڃاڻپ، ۽ حقن تي حملن جو سلسلو جاري آهي، ته بغاوت جي اها روايت وري زنده ٿي اٿي آهي، اهڙي بغاوت جيڪا انصاف، سڃاڻپ، ۽ مستقبل جي اميدن سان جڙيل آهي.
انساني تاريخ جو هي سبق سدائين زندهه رهيو آهي ته جتي ظلم، ناانصافي ۽ جبر پنهنجو اثر ڏيکاري ٿو، اتي شعور، فڪر ۽ ضمير جي بغاوت به جنم وٺي ٿي. سنڌ جي ڌرتي اهڙن مزاحمتي جذبن سان مالامال رهي آهي، جتي نه رڳو سياسي اڳواڻن، پر عام ماڻهن، شاگردن، استادن، عورتن ۽ وڪيلن به پنهنجو فرض نڀائيندي، سچ لاءِ آواز اٿاريو آهي. اڄ جڏهن سنڌ جي وسيلن، درياهن، زمينن، ٻولي، تاريخ ۽ تعليم تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ته ان خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙو ئي شعوري ردعمل جنم وٺي رهيو آهي. هي ويڙهه هٿيارن سان نه، پر قلم، علم، اخلاقي اصولن، سياسي شعور ۽ عوامي مزاحمت جي ذريعي وڙهي پئي وڃي.
اهڙي دور ۾، جڏهن رياستون ماڻهن جي سوچ تي به قبضو ڪرڻ چاهن ٿيون، ته هر پڙهيل فرد، استاد، ليکڪ، وڪيل ۽ نوجوان لاءِ لازمي ٿي پوي ٿو ته هو سوال ڪري، سوچ کي آزاد ڪري، ۽ پنهنجي جاءِ تي بيهي، سچ جي پاسي ۾ رهي. نيلسن منڊيلا، مارٽن لوٿر ڪنگ، ٿورو، فانون ۽ ڪيمو جا مثال ٻڌائي رهيا آهن ته مزاحمت صرف حڪومتي پاليسين خلاف ناهي، پر اها انسان جي پنهنجي ضمير، سڃاڻپ ۽ عزت جي تحفظ لاءِ هڪ اخلاقي جدوجهد به آهي.
سنڌ جي وڪيلن جو تازو احتجاج، سنڌو درياهه تي نون ڪينالن جي اڏاوت ۽ زمينن جي ڪارپوريٽ نيلامي خلاف آواز، انهيءَ تاريخي تسلسل جو تسليم ٿيل حصو آهي. ضرورت آهي ته اهڙي جدوجهد کي وڌيڪ وسيع، منظم، ۽ اخلاقي رخ ڏنو وڃي، جتي بغاوت اقتدار لاءِ نه، پر انسانيت جي بقاءَ لاءِ هجي. سنڌ جي تاريخ ۾ سچ ڳالهائڻ، ظلم خلاف آواز اٿارڻ، ۽ سچائيءَ جي پٺيان بيهي رهڻ هميشه کان هڪ اخلاقي فريضو رهيو آهي. اهو فريضو فقط سياسي تحريڪن ۾ نه، پر علم، ادب، صحافت، ۽ درسگاهن ۾ به پنهنجو اظهار ڪندو رهيو آهي. هر دور ۾ جڏهن به ڪو سچ ايترو ته تلخ ٿيو جو حاڪمن لاءِ ناقابلِ برداشت بڻجي ويو، ته اُن سچ جي ڳالھ ڪرڻ وارا گمنامي، جيلن، تشدد ۽ بدناميءَ جو شڪار ٿيا. پر وقت، تاريخ ۽ عوام جي شعور اهو ثابت ڪيو ته اهي ئي ماڻهو اصل ۾ سماج جا نبض شناس، سچ جا ساٿي ۽ مستقبل جا معمار هئا. اڄ به سنڌ کي اهڙن ضميرن جي ضرورت آهي، جيڪي پنهنجي حيثيت، نوڪري، يا شهرت جي پرواهه کانسواءِ، صرف سچ لاءِ بيهي سگهن. ڇو ته جڏهن ضمير خاموش ٿي وڃن ٿا، ته سماج ظلم سان هم آهنگ ٿي وڃن ٿا، ۽ جڏهن ضمير جا آواز گونجي ٿا، ته بغاوت فڪر بڻجي وڃي ٿي، جيڪا آخرڪار تبديليءَ جو پيش خيمو بڻجي ٿي.