دوحا (اسپورٽس ڊيسڪ) قطر ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ گروپ ايچ جي ميچ ۾ پرتگال جي ٽيم گهانا کي ٻن جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ ڪاميابي سان شروعات ڪئي آهي.  ميچ جي پهرئين هاف ۾ ٻئي ٽيمون ڪو گول نه ڪري سگهيون. ٻئي هاف ۾ نامياري رانديگر ڪرسٽينا رونالڊو پينالٽي تي گول ڪري ڇڏيو. 8 منٽڻ کان پوءِ گهانا جي ٽيم جو اهو خسارو پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي ۽ ايو گول ڪيو. 78 هين منٽ ۾ پرتگال جي فليڪس سيڪيورا گول ڪيو، صرف ٻن منٽن بعد ليائو ٽيون گول ڪري وڌو. ميچ جي آخري لمحن ۾ گهنا جي بُوڪاري ٻيو گول ڪيو پر ميچ ختم ٿيڻ تائين هڪ گهانا هڪ گول جو خسارو ختم نه ڪري سگهي. هن ميچ ۾ هڪ گول ڪرڻ سان ڪرسٽينا رونالڊو پنجن ورلڊ ڪپن ۾ گول ڪرڻ جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.