ٽورنٽو(شوبزنيوز) پاڪستان جي من موهڻي اداڪارا هانيا عامر پنهنجي شادي بابت مداحن کي آگاهه ڪري ڇڏيو. اداڪارا اڄڪلهه ڪيناڊا جي دوري تي آهي جتي مداحن طرفان هن لاءِ هڪ خاص پورگرام جو اهتمام ڪيو ويو. پروگرام ۾ مداحن پاران هانيا عامر کان مختلف سوال ڪيا ويا، شاديءَ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته في الحال شاديءَ جو ڪو ارادو نه آهي. سادي ڇوڪري آهيان جڏهن به شادي ڪنديس سڀني کي ٻڌائينديس. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته سرحد تي لڳل بورڊ عوام کي هڪٻئي کان ڌار نٿا ڪري سگهن، اوهان جنهن کي دل سان چاهيو ٿا ان مٿان ڪو به پابندي نٿو مڙهي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي دورا ان ڪري ڪندي آهيان جو جيڪي ماڻهو مون کي پسند ڪن ٿا انهن سان ملي سگهان ۽ پنهنجي چاهيندڙن سان ملي خوشي ٿيندي آهي.