ففٿ وار 5w جو دور آھي ھن دور ۾ جنگ جا معيار اڳ کان اڳڀرا ۽ جديد آھن ھن دور ۾ ڪجهه به ناممڪن ناھي اليڪٽرانڪ جنگ جا ٻيا طريقا به آھن پر ھڪڙو طريقو اھو آھي جو ھن ۾ ڪوڙن سگنل جي بنياد تي جنگي يا عام جھاز جو رستو بدلائي سگھجي ٿو

جھاز پنھنجو رستو ڪيئن وٺندو آھي ؟

گلوبل پوزيشنگ سسٽم GPS

ھن سسٽم سان جھاز کي سگنل ملندا آھن جنھن سان جھاز پنھنجي رستي يا ھنڌ تائين پڄندو آھي

وي ايڇ ايف Very high frequency

ھن سان جھاز تمام تيز سگنل ملندا آھن جنھن سان جھازن جي ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ ۽ رابطو ڪرڻ ۾ مدد ملندي آھي

انٽرنيشنل ميري ٽائيم سيٽلائيٽ آرگنائيزيشن INMARAS

ھن سان جھاز کي سيٽلائيٽ ذريعي سگنل ملندا آھن جيڪي رابطي ۾ ۽ رستو ڏيکارڻ ۾ مدد پڻ ڪندا آھن

ھي مختصر ڳالھه جھاز جي نيٽورڪ کي سمجھڻ لاءِ ڏني آھي

اليڪٽرانڪ جنگ ۾ ڇا ڪيو ويندو آھي ؟

اليڪٽرانڪ جنگ ۾ پھرين انھن ريڊار سسٽم سميت نيٽورڪ ڏيندڙ سڀني اوزارن جي معلومات وٺي انھن کي ھيڪ ڪري پوءِ پنھنجي مرضي مطابق سگنل (روٽ) رستن جو نقشو ڏئي جھاز کي اصل منزل تان ٿيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي

ڪوڙا سگنل ڏيڻ کانپوءِ ڇا ڪيو ويندو ؟

ڪوڙا سگنل ڏيڻ کانپوءِ جھاز جو رستو جڳھه تبديل ڪري ان جھاز کي پنھنجي حدن يا ٻئي ڪنھن دشمن ملڪ جي حدن ۾ موڪلي ان کي اغوا ڪرڻ سان گڏ ان کي تباھه ڪري سگھجي ٿو ھن جنگ جو ٽيون چڪر شروعات ٿي آھي

جنگ واري ملڪن کانسواءِ ٻين ملڪن جون دانھون

عالمي دنيا ۾ دانھون پئجي ويون آھن جنگ واري ملڪن کانسواءِ ٻين ملڪن جي مسافر جھازن ۽ سامان کڻي ويندڙ جھازن کي تمام گھڻي پريشاني ڏسڻي پئي پوي… (فيس بوڪ تان ورتل)