اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني فيڊرل سروس ٽربيونل جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. پڌرائي موجب ايڊووڪيٽ بهلول خٽڪ، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج چوڌري عبدالقيوم ۽ ايڊووڪيٽ چوڌري محمد اڪرم خاڪسار کي بطور فيڊرل سروس ٽربيونل جو جوڊيشل ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ثروت طاهره حبيب ۽ نديم ارشاد ڪياني کي ايگزيڪيوٽو ميمبر مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني وزيراعظم جي مشوري تي فيڊرل سروس ٽربيونل جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني آهي.