ڪراچي (شوبز نيوز) ماڊل ۽ اداڪارا سنيتا مارشل چيو آهي فيمنسٽ هجڻ جو مطلب عورت مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ اتي نعرا هڻڻ ناهي هوندو، خاموش رهي به فيمنزم ڪري سگھجي ٿو. اداڪارا تازو ئي خانگي ٽي وي چينل جي ڪاميڊي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ڪيريئر سوڌو ذاتي زندگي تي به کُلي ڪري ڳالهايو ۽ مداحن جي سوالن جا جواب به ڏنا. پروگرام دوران هن ٻڌايو ته 2011ع ڀنگ لاءِ سندس مڙس کي اغوا ڪيو ويو هو ۽ سندس مڙس 35 ڏينهن تائين اغوا ڪندڙ جي قبضي ۾ رهيو. هن ٻڌايو ته هن جي مڙس کي بازياب ڪرائڻ ۾ سي پي ايل سي هن جي گھڻي مدد ڪئي ۽ هنن کي ڀنگ جي رقم به ادا نه ڪرڻي پئي جڏهن ته هڪ اغوا ڪندڙ کي به گرفتار ڪيو ويو. اداڪارا مڙس سان لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته شادي جي فورن بعد جڏهن هن مڙس حسن احمد سان گڏ پهريون ڊرامو ڪيو ته شوٽنگ دوران ٻئي کِلي پيا، رومانوي منظور شوٽ ڪرائڻ وقت کين شرم ايندو هو پر هاڻي ايئن ناهي، هن چيو ته شادي کان اڳ عام طور تي مرد يا عورت کي خبر ناهي هوندي ته هن جو شريڪ حيات ڪيئن هوندو ۽ جيڪڏهن شادي کان پوءِ ٻنهي وچ ۾ معاملا خراب ٿيڻ کان بهتر آهي ته رستا ڌار ڪيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته هن طرفان عورت مارچ ۾ شرڪت نه ڪرڻ مطلب اهو ناهي ته هوءَ فيمنسٽ ناهي. اداڪارا جو چوڻ هو ته فيمنسٽ هجڻ جو مطلب عورت مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ نعرا هڻڻ ناهي، خاموش رهي به فيمنزم جي ڪري سگھجي ٿو.