لاهور (انٽرسٽنگ نيوز) اداڪارا فائزه گيلاني چيو آهي ته “فيمنزم” جو جهنڊو کڻندڙ ۽ ان جي مخالفت ڪندڙ ٻئي هڪ طرح سان انتهاپسند بڻجي ويا آهن ۽ اهو ته “فيمنزم” جو جهنڊو کڻندڙ ماڻهن کي عام عورتن جي مسئلن جو علم ئي نه آهي. فائزه ايوب عفت عمر جي پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن شوبز ڪيريئر ۽ سياست سميت سماجي مسئلن تي به خيالن جو اظهار ڪيو. “فيمنزم” جي سوال تي فائزه گيلاني چيو ته منهنجا خيال ڪجهه مختلف آهن، جيئن ته مان انتها درجي جي فيمنسٽ آهيان پر ڪڏهن مان “عورت مارچ” ۾ شريڪ نه ٿي آهيان. هن چيو ته مونکي به عورت مارچ جي نعرن ۽ سلوگن سان اختلاف آهي ۽ مان به ٻين ماڻهن جيان مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا ۾ ٿيندڙ تنقيد تي ذهن ٺاهي نعرن کي غلط سمجهيو. فائزه گيلاني چيو ته “فيمنزم” حمايت ڪندڙ ۽ مخالفت ڪندڙ انتها درجي جا انتهاپسند ٿي ويا آهن، هڪ ٻئي جون ڳالهيون سمجهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن. هن چيو ته “فيمنزم” جو مطلب اهو آهي ته ڪوبه شخص عورتن کي اها هدايت نٿو ڪري سگهي ته کيس ڇا ڪرڻو آهي؟ ۽ ڇا نه ڪرڻو آهي؟ اها ڪهڙو لباس پهري ۽ ڪهڙو ڪم ڪري؟ ان جو مطلب اهو عورت جي پنهنجي مرضي هجڻ گهرجي.