ڪراچي: سپريم ڪورٽ بهادر آباد پارڪ جي ايراضي تي ٺاهيل الباري ٽاور ڪيس جي ٻڌڻي دوران اوڀر ضلعي جي اسسٽنٽ ڪمشنر، ماسٽر پلان واري اداري ۽ لاڳاپيل ادارن کان 4 جنوري تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران رشيد اي رضوي الباري ٽاور طرفان پيش  ٿي موقف اختيار ڪيو ته اسان کي دستاويز ۽ رپورٽ جي ڪاپي نه ملي آهي، مون کي تياري لاءِ مهلت ڏني وڃي، ان موقعي تي جسٽس قاضي محمد امين چيو ته رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اوهان کي زمين قانون موجب الاٽ ناهي ٿي،  جنهن تي رشيد اي رضوي چيو ته اسان کي اها زمين بهادر يار جنگ سوسائٽي ڏني؟ چيف جسٽس چيو ته اها زمين ته وفاقي هائوسنگ سوسائٽي جي هئي، اها اوهان کي ڪيئن ڏني وئي؟ ان موقعي تي بهادر يار جنگ سوسائٽي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اهو فيملي پبلڪ پارڪ آهي، سماجي ڪارڪن  امبر علي ڀائي چيو ته 14 هزار اسڪوائر وال فلاحي ايراضي هئي، ڪي اليڪٽرڪ جي گرڊ اسٽيشن ۽ ٻي تعميرات ڪئي وئي، جنهن تي رشيد اي رضوي چيو ته 1994ع کان ڪيس هلي رهيو آهي ته ڪمرشل لينڊ ( زمين) آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته رضوي صاحب! سموريون شيون ڏسي چڪا آهيون، اسان کي سڀ پتو آهي، عدالت اوڀر ضلعي جي اسسٽنٽ ڪمشنر، ماسٽر پلان واري اداري ۽ لاڳاپيل ادارن کان 4 جنوري تي رپورٽ طلب ڪندي ايندڙ سيشن تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.