لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز فيلڊ اسپتال پراجيڪٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. فيلڊ اسپتال پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته فيلڊ اسپتالن جو منصوبو ڪامياب بنائيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي. مون ۽ نوازشريف هڪ خواب ڏٺو هو ته ماڻهن کي صحت جي سهولت سندن گهر جي دروازي تي ملندي اڄ اهو خواب پورو ٿي ويو آهي. هن چيو ته اڄ کان پهريان ڪنٽينرز صرف باهين، گهيراءُ ۽ بل ڦاڙڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا. منهنجي وڊيوز تي تنقيد ڪندڙ ڪمرن مان نڪري عوام جي خدمت ڪن ته جيئن انهن جي به وڊيوز ٺهي سگهي.