فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج تعلقي جي ٻن ٽائون ڪاميٽين پڪاچانگ، ڪرونڊي ۽ يوسيز اڪري چودڳي، خوش خير محمد، امن چودڳي ۽ ڪنڊياري سميت 7 جي گذريل هڪ مهيني کان لنڪ بند پيل آهي، جنهن ڪري پيدائش سرٽفيڪٽ، ميريج سرٽيفڪيٽ، فوتي سرٽيفڪيٽ، رهائشي سرٽيفڪيٽ، بي فارم سميت ٻين ڪاغذن وارو ڪم هڪ مهيني کان بند پيل آهي، علائقي واسين اياز حسين، اختر حسين، فياض ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته لوڪل گورنمينٽ کاتي جي ڊائريڪٽر پاران بنا جواز گذريل هڪ مهيني کان لنڪ بند ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري عوام سخت پريشان آهي، چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بند ڪيل لنڪ بحال ڪري عوام کي سهولت ڏني ڏني، رابطو ڪرڻ تي ڪلارڪ اعجاز انصاري جو چوڻ آهي ته 2 ٽائون ڪاميٽين ۽ 6 يوسيز جو رڪارڊ پورو نه هجڻ سبب لنڪ کي بند ڪيو ويو آهي.