فيض گنج(رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج ۾ آرمي جو جعلي ميجر سڏائي باوردي ٿي گاڏين وارن کان زبردستي ڀتو وصول ڪندڙ همراهه کي شهرين ساٿي سميت سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پڪڙيل جعلي ميجر تي قائد آباد ٿاڻي تي عورت کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس به داخل ٿيل آهي، عورت جا وارث به ٿاڻي تي پهچي ويا، رپورٽ موجب فيض گنج ۾ مهراڻ هاءِ وي تي پاڻ کي آرمي جو ميجر ظاهر ڪري وردي پائي گاڏين وارن کان زبردستي ڀتو وصول ڪندڙ مختيار مستوئي ۽ سندس ساٿي معظم مستوئي کي شهرين سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، سوگهو ڪيل جعلي ميجر بابت مختلف هنڌن تان معلومات وٺڻ بعد خبر پئي ته هو فوجي آفيسر ناهي، فوج جي وردي استعمال ڪري گاڏين وارن کان ڀتو وصول ڪري رهيو هو، جعلي ميجر ۽ سندس ساٿي کي فيض گنج ٿاڻي تي رکيو ويو، سوشل ميڊيا تي جعلي ميجر جون تصويرون شئير ٿيڻ بعد ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي ڀينس ڪالوني جي ٿهيم برادري سان تعلق رکندڙ رهواسي به ٿاڻي تي پهچي ويا، جن پوليس کي ٻڌايو ته جعلي ميجر مختيار مستوئي ڪجھه وقت اڳ سندن عورت کي اغوا ڪري ويو هو، جيڪا عورت هن وقت تائين گم آهي، ڪراچي کان پهتل ماڻهن پوليس کي ٻڌايو ته هن مٿان قائد آباد ٿاڻي تي عورت کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي، هنن موجب قائد آباد پوليس کي جعلي ميجر مختيار مستوئي گهربل آهي، جڏهن ته بعد ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ٿاڻي تي پهتا، جيڪي جعلي ميجر ۽ سندس ساٿي کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان ٻه عدد پسٽل، هڪ ڪار ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.