خيرپور (رپورٽر) فيض گنج پوليس پاران مهراڻ هاءِ وي تي ڪارروائي دوران گلشن حديد ڪراچي واسي سوگهو ڪيل جعلي ميجر جي گرفتاري ظاهر ڪري سندس قبضي مان هٿيار، گاڏي ۽ روڪ رقم هٿ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب اطلاع مليو ته فيض گنج گورچاڻي پمپ وٽ پاڪ فوج جي وردي پائي ٽرانسپورٽرز کان هڪ شخص ڀتو وصول ڪري رهيو آهي، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته مختيار مستوئي ۽ معظم خواجا نالي ٻه ڄڻا پاڻ کي آرمي جا ميجر سڏائي ٽرڪن ۽ ٻئي ٽرانسپورٽر کان ڀتو وصول ڪري رهيا هئا، پوليس موجب ٻنهي ڄڻن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي ته کين خبر پئي ته ٻئي ڄڻا ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري مختلف طريقن سان ڀتو وصول ڪندا آهن، گرفتار ٻنهي جوابدارن جي قبضي مان ٻه پسٽل، هڪ ڪار، پاڪ آرمي جا بيجَ ۽ روڪ رقم هٿ ڪري فيض گنج ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ھوڏانھن ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي جو چوڻ آهي ته ٻنهي جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، ادارن کي بدنام ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو.