فيض گنج(ن پ ا) فيض گنج ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن مان ڪٽوتي رڪجي نه سگهي، ڪالهه مختيارڪار سينٽر تي ڇاپو هڻي ٽن ڊوائيز هولڊرن کي گرفتار ڪري ڪٽوتي ڪيل رقم واپس ڪرائي، ٻڌايو پيو وڃي ته مسحق عورتن کي ملندڙ 13هزار 5سئو رپين واري قسط مان ڊوائيز هولڊرن پاران امن چودڳي، ڪرونڊي ۽ ظفرآباد سينٽرن تي 15 سئو کان 2 هزارن تائين ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، عورتن جي شڪايتن تي مختيارڪار رفيق احمد ناريجو پوليس ساڻ ڪري ڪرونڊي سينٽر تي ڇاپو هڻي ڪٽوتي ڪندڙ ٽن ڊوائيز هولڊرن قدير شر، خادم بالادي ۽ راشد بالادي کي گرفتار ڪري ڪٽوتي ڪيل پئسا واپس ڪرايا، عورتن موجب ٽنهي سينٽرن تي ڪٽوتي ڪرڻ سان گڏ غير قانوني طريقي سان ڊوائيز ون سينٽرن بدران ڳوٺن ۾هلايون پيون وڃن، جتي 2 کان ٽي هزار رپيا عورتن جا ڪٽوتي ڪيا پيا وڃن.