فيض گنج ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار رستن تي نڪري آيا، احتجاجي ريلي، 8 ڪلاڪ ڌرڻو

0
25
فيض گنج ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار رستن تي نڪري آيا، احتجاجي ريلي، 8 ڪلاڪ ڌرڻو
فيض گنج ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار رستن تي نڪري آيا، احتجاجي ريلي، 8 ڪلاڪ ڌرڻو

فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج تعلقي جي پڇڙي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن ٽريڪٽرن ٽرالين ۽ موٽر سائيڪلن تي ڪوٽ لالو کان ريلي ڪڍي آبپاشي آفيس اڳيان 8 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مير منور ٽالپر، مصطفيٰ حسن بگهڙ، نثار سومرو ۽ ٻين چيو ته فيض گنج تعلقي جي پڇڙي ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جنهن ڪري ڪڻڪ، سرنهن توڙي ٻيا فصل پوکجي نه سگهيا آهن، آبادگار سخت پريشان آهن، هنن چيو ته پڇڙي جي واهن ۾ پاڻي بجاءِ واري اڏامي رهي آهي، اسان پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آهيون، مٿان وري پنجاب ۾ 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، 6 ڪئنال نڪتا ته اسان وٽ ڏڪار اچي ويندو، هنن چيوته پڇڙي ۾ زرعي پاڻي نه هجڻ ڪري آبادگار لڏ پلائڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، هنن الزام هنيو ته ايريگشن عملدار بااثرن کي پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪري آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن، هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين پاڻي پڇڙي ۾ نه ايندو احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو، 8 ڪلاڪن بعد انجنيئر خيرپور محمد بچل ڪانهر ۽ ايس ڊي او ايريگشن علي گوهر سومرو آبادگارن وٽ پهچي ڳالهيون ڪري ٽن ڏينهن اندر پڇڙي ۾ پاڻي پهچائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد آبادگارن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.