فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ۾ نقلي ڪلر ڀاڻ ۽بليڪ تي ڪلر وڪرو ڪرڻ خلاف جسقم پاران عطا حسين شر رياض چانگ الطاف شر ۽ٻين جي ڳواڻي ۾ هٿن۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائندي چيوته فيض گنج تعلقي جي پڪاچانگ ڪرونڊي ڀنگو بهڻ ڪوٽ لالو اڪري چودڳي سميت ننڊن وڏن شهرن ۾ ڪلر جا ڊيلر نقلي هٿرادو ڪلر مٽي مان تيار ڪيل وڪرو ڪري رهيا آهن جيڪو وڏو ظلم آهي هنن چيوته فيض گنج ۾ بليڪ تي 15هزار رپيا ڊي اي پي ڪلر وڪرو ڪيو پيو وڃي نقلي ڪلر فصل کي ڏيڻ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي آبادگارن هارين سان ظلم ٿي رهيو آهي، هنن گهر ڪئي ته ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪري نقلي ڪلر ڀاڻ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي بليڪ تي ڪلر وڪرو ڪندڙن جا دڪان سيل ڪيا وڃن نه ته جسقم پاران علامتي بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.