فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج تعلقي ۾ نقلي هٿرادو مٽي مان تيار ڪيل ڀاڻ ڀاڻ ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي  گونگي آبادگار فاروق شر، حبيب الله، انور ۽ ٻين پڪاچانگ جي ڊيلر کان ڀاڻ خريد ڪيو  ڀاڻ جي ٻورين کي کوليو ويو ته  رنگ ڏئي مٽي  ۾ ڪيميڪل ملائي ڀاڻ تيار ڪيو ويو هو نقلي ڀاڻ آبادگارن سٽي پريس ڪلب فيض گنج کڻي پهچي ويا، ان موقعي تي هنن احتجاج ڪندي چيوته پڪاچانگ ڪرونڊي ڀنگو بهڻ ڪوٽ لالو اڪري چودڳي ۽ٻين شهرن ۾ گهوٽڪي محرابپور ڀرياروڊ ۽پنجاب جي مختلف علائقن مان ايندڙ يوريا اين اي پي ڊي اي پي ڀاڻ ڀاڻ جي نقلي هجڻ جو انڪشاف ٿيڻ ٿيو آهي هنن چيوته  پڪاچانگ جي هڪ ڊيلر کان ڀاڻ خريد ڪيو هو جيڪو نقلي هٿرداو تيار ڪري رنگ ڏئي آبادگارن کي وڪرو ڪري آبادگارن کي ڦريو پيو وڃي هنن چيوته ڀاڻ جون ٻوريون کوليون ته مٽي پٿر ۽ڪيميڪل ملائي رنگ ڏئي تيار  ڪيل ڀاڻ ٻورين مان نڪتو هنن، چيوته ڀاڻ ڪڻڪ سرنهن کي ڏيڻ سان وڏو نقصان پهتو آهي، هنن  زراعت کاتي جي سيڪريٽري کان گهر ڪئي آهي ته نقلي ڀاڻ ڀاڻ ۽ بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن، واپارين خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي، نه ته مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين.