فيض گنج  (ن پ ا) فيض گنج ٿاڻي جي حد ڳوٺ لکمڻ مان ٽي ڏينهن اڳ مبينا طور تي اغوا ٿي ويل سجاد راڄپر جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، سندس وارثن امجد راڄپر، غلام الله، احسان راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته جوابدارن غلام شبير، نظير، قربان راڄپر، نوشاد  ۽ ٻين سجاد راڄپر کي اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي هنن چيوته نوجوان جي بازياب لاءِ فيض گنج پوليس وٽ وياسين پر پوليس نوجوان کي بازياب ڪرائڻ توڙي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيوته جوابدارن سان زميني تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي خدشو آهي ته جوان کي قتل نه ڪيو وڃي. هنن چيوته جوابدار  اسان کي به کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن  هنن  آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي. ان سلسلي ۾ نوجوان جي اغوا الزام هيٺ آيل مشتاق راڄپر ٻڌايو ته زميني تڪرار هلندڙ آهي اسان ڪنهن  کي به اغوا ناهي ڪيو نه ئي زمين تي قبضو ڪيو آهي، ڪوڙا الزام لڳايا پيا وڃن جاچ ڪرائي وڃي.