فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ۾ جسقم پاران سنڌ جي زمين تي والار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي تصوير باقي، خادم شر، الطاف شر ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين غير سنڌي ماڻهن حوالي ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي زمين ٻاهرين ماڻهن حوالي ڪري سنڌين کان حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جا وسيلا کسيا پيا وڃن، جيڪو عمل انتهائي غلط آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي  زمين  ڌارين حوالي ڪرڻ وارو منصوبو ختم ڪيو وڃي.