فيض گنج(ن پ ا) فيض گنج ڀرسان اغوا ٿيل زال واپس نه ٿيڻ خلاف سندس مڙس جو احتجاجي مظاهرو زال کي قتل ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، ڳوٺ ڦولهڙي واسي عبداللطيف راڄپر سٽي پريس ڪلب فيض گنج پهچي احتجاج ڪندي چيو ته آهي ته چار سال اڳ ۾ ملير جي عدالت ۾زينا ڪلهوڙو سان پرڻو ڪيو هو، جنهن کي چار ڏينهن اڳ ۾ ٻن معصوم ٻارن سميت مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي سيبل اسٽاپ وٽان مون تي تشدد ڪرڻ بعد جوابدار اغوا ڪري ويا آهن، هن چيو ته واقعي بابت فيض گنج ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي آهي، پر پوليس رشوت وصول ڪرڻ بعد جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري هن چيو ته مون کي شڪ آهي ته منهنجي زال زرينا خاتون ٻن معصوم ٻارن چار سال نويد احمد ۽ چئين مهينن جي مائرا کي جوابدار اغوا بعد قتل ڪندا هن الزام هنيو ته زال ۽ ٻارن جي اغوا ۾ محمد حسن بروهي، غلام حسين بروهي، لطيف علي ڪلهوڙو حب علي ڪلهوڙو، زاهد ڪلهوڙو، فيض محمد عبدالله ڪلهوڙو ملوث آهن، هن چيو ته جوابدار مون کي به قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي مون کي زال ۽ ٻار بازياب ڪرائي ڏين ۽ مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.