فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج جي ڳوٺ ڪرم خان راڄپر مان هٿياربند نوجوان محمد علي راڄپر کي مبينا اغوا ڪري ويا، نوجوان جي اغوا واقعي خلاف سندس وارثن وڪيل حفيظ الرحمان راڄپر، منصور راڄپر، تراب راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن چيو ته نوجوان محمد علي راڄپر کي رات دير سان نامعلوم جوابدار اغوا ڪري ويا آهن، هنن چيو ته فيض گنج پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس هن وقت تائين ڪجهه ناهي ڪيو، هنن چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب نوجوان جي زندگي کي خطرو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.