فيض گنج(ن پ ا) فيض گنج ڀرسان نوجوان پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ امين پاتو  ۾ 18 ورهين جي نوجوان عبدالرزاق ولد فياض راڄپر زهريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي، نوجوان جي خودڪشي جو ڪارڻ پسند جي شادي نه ڪرائڻ ٻڌايو پيو وڃي، نوجوان جي خودڪشي بابت سندن وارثن پاران حد جي پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو ويو، نوجوان جي خودڪشي ڪرڻ سبب سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.