فيض گنج(ن پ ا) فيض گنج ڀرسان ڳوٺ ڦوٽو خان مجيداڻو ۾ چانگ ۽ مجيداڻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زمين معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ڌڪ لڳڻ سبب شاهه بيگ، فتح خاتون ۽ سدوري خاتون زخمي ٿي پيا، واقعي بعد مجيداڻو برادري جي عورتن ٻارن سان گڏجي پڪاچانگ وٽ مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي حاجي غلام علي مجيداڻو، يوسف مجيداڻو، دين محمد، امين مجيداڻو ۽ ٻين چيو ته زمين اسان جي آهي، جنهن تي ضمير چانگ، مالڪ ۽ پناهه قبضو ڪيو آهي، منع ڪرڻ تي ڄاڻايل ماڻهن حملو ڪري زخمي ڪيو، هنن چيو ته زمين تي قبضو ڪندڙن خلاف پوليس ڪارروائي نه پئي ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ضمير چانگ ٻڌايو ته اسان پناهه مجيداڻو کان پئسن عيوض زمين خريد ڪئي آهي، ڪو به قبضو نه ڪيو آهي، جاچ ڪرائي وڃي، اسان مٿان الزام ڪوڙا آهن.