فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج پوليس جي ننڊي عمر جي شادي ڪرائڻ واري اطلاع تي ڪارروائي، شادي روڪرائي ورتي، 5 ڄڻا گرفتاري بعد آزاد، نينگري عدالت پهچي شادي ڪري ڇڏي، پوليس تي هراسمنث جا الزام، خبر موجب ڳوٺ سومر کنڊ ۾ 11 سالا ثانيا ڌيءُ سوڍل کنڊ جي شادي 25 سالا رضوان پٽ عاشق کنڊ سان ڪرائي پئي وئي ته اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪري شادي روڪرائي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي فيض گنج پوليس ٻڌايو ته ڇاپي دوران نينگري جو شناختي ڪارڊ چيڪ ڪيو، جنهن ۾ جعلي نموني سان نينگري جي وڏي عمر ڄاڻائي ڄم جي تاريخ 2006 لکرائي وئي هئي، پوليس موجب ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تي شادي روڪرائي، نينگري جو نڪاح 3 مهينا اڳ اسڪولن جي بي فارم تي پڙهايو ويو هو، ٻيو نڪاح سندس شناختي ڪارڊ واري عمر موجب پڙهايو پئي ويو ته ڪارروائي ڪئي وئي، وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي، هوڏانهن مبينا ننڍي عمر ۾ شادي ڪندڙ ثانيا کنڊ ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ٿي رضوان کنڊ سان شادي ڪري ڇڏي آهي، نينگري وائرل ٿيل ويڊيو بيان ۾ چئي رهي آهي ته اسان راز خوشي سان شادي ڪئي، فيض گنج پوليس زبردستي شادي روڪرائي اسان جي عورتن ۽ مردن کي ڌڪا ڏنا، پوليس هراسمينٽ ڪيو، نينگري جي شادي بعد پوليس گرفتار ڪيل 5 ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آهي.