فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج لڳ ڳوٺ ڦولهڙي ۾ بشيران زال گاجي خان لاشاري کي جوابدار استاد نواب، نديم، حڪيم، قاسم لاشاري ۽ چئن عورتن رسن سان ٻڌي مٿو ڪوڙي تشدد ڪري اڌ ڪن به ڪپي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ متاثر عورت سٽي پريس ڪلب فيض گنج پهچي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيوته مان ڳوٺ مان لسي وٺڻ پئي ويس ته ڄاڻايل جوابدارن بنا جواز پڪڙي کڻي گهر جي هڪ ڪمري ۾ رسن سان ٻڌي ڪئچي سان مٿي جا وار ڪتري تذليل ڪرڻ سان گڏ مون تي تشدد ڪري هڪ ڪن جو اڌ به ڪٽي ڇڏيو آهي، هن چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون، مون سان ظلم ٿيو آهي، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ عورت سان گڏ آيل سندس مڙس گاجي خان لاشاري ٻڌايو ته منهنجي گهر واري کي پرائمري استاد نواب لاشاري، نديم، قاسم ۽ ٻين لسي وٺڻ دوران رستي مان کنڀي ڪمري ۾ بند ڪري رسن سان ٻڌي تشدد ڪري مٿو ڪوڙي تذليل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، هن چيوته اسان غريب مسڪين آهيو جوابدار بااثر آهن انصاف ڪرايو وڃي، فيض گنج پوليس موجب متاثر عورت ٿاڻي تي نه پهتي آهي، سندن برادري جي چڱي مڙس پاران فيصلو رکيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪيس داخل نه ڪيو آهي، الزام هيٺ آيل استاد نواب لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون مٿان ڪوڙا الزام آهن، عورت ڊرامو ڪري مون کي ڦاسائي رهي آهي.