ملير (رپورٽر) فيض گنج واسي سيڪيورٽي گارڊ ڪورنگي ۾ تشدد بعد قتل، پوليس شڪ جي بنياد تي مقتول جي زال ۽ دوست کي گرفتار ڪري ورتو، ان ڏس ۾ ڪورنگي جي عوامي ڪالوني ٿاڻي جي حد ۾ رهندڙ فيض گنج واسي عبدالشڪور چانگ سيڪيورٽي گارڊ طور نوڪري ڪندو ھو، مقتول جي ويجھي عزيز ماجد چانگ ٻڌايو ته مون کي اطلاع مليو ته عبدالشڪور چانگ جي طبيعت خراب آھي، کيس سندس زال جناح اسپتال ۾ داخل ڪرايو آھي، اسپتال پهچڻ تي خبر پئي ته عبدلشڪور فوت ٿي چڪو هو، ھن چيو ته عبدالشڪور جي ڳچي، ھٿ ۽ پٺي تي تشدد جا نشان ھئا، جن مان ظاھر ٿي رهيو ھو ته کيس قتل ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف عوامي ڪالوني پوليس شڪ جي بنياد تي مقتول جي زال ۽ سندس دوست کي گرفتار ڪيو آهي.