فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج واسي نينگر جو 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پتو نه پيو، وارث پريشان ڪراچي کان فيض گنج جي ڳوٺ حاجي محمد حسن چانگ واپس ايندي رستي مان گم ٿي ويل نينگر سردار ولد احد چانگ هٿ نه اچي سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٽن ڏينهن کان نينگر جي ڳولا ۾ لڳل آهيون پر نينگر هٿ نه اچي سگهيو آهي هنن چيوته ٽي ڏينهن اڳ ۾ نينگر ڪراچي جي سعيد آباد واري علائقي مان ڳوٺ لاءِ واپس پئي آيو ته گم ٿي ويو آهي. هنن چيوته نينگر جي گم ٿيڻ بعد سخت پريشان آهيون پوليس کي اطلاع ڪيو آهي ان باوجود پوليس به ڳولا ۾ مدد نٿي ڪري. هنن مطالبو ڪيو آهي ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪرائي وڃي.