فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج لڳ علي نواز واهه کي 15فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ،  علي نواز واهه کي آرڊ ي نمبر 129کان 15فوٽ گهارو  پئجي ويو، گهاري سبب ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته تازي پوکيل ڪڻڪ ۽ سرنهن جا فصل به پاڻي هيٺ اچي ويا،  ڳوٺاڻن پاران آبپاشي عملدارن کي اطلاع ڪيو ويو پر ڪوبه عملدار گهاري واري هنڌ نه پهتو جنهن بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي بند ڪري ورتو. ڳوٺاڻن جو چوڻ  آهي ته واهه کي ٽن هفتن دوران ساڳي هنڌ کان ٽيون ڀيرو گهارو لڳو آهي.ٻي طرف ايس ڊي او ايريگشن علي نواز ڀٽي موجب ته واهه جا بند ڪمزرو ٿي ويا آهن جنهن ڪري گهارا لڳي رهيا آهن.