فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ڀرسان فصل ۾ ڏاند پوڻ تي جوابدارن ڪهاڙيون هڻي ڏاند جي اڌ ڄنگھه ڪٽي ڇڏي، خبر موجب ڳوٺ راضي فقير لاشاري ۾ جوابدارن فصل ۾ پوڻ تي نثار لاشاري جي ڏاند تي ڪهاڙين سان حملو ڪري سندس ڄنگهه ڪٽي زمي ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو شوق جو ڏاند آهي، جيڪو شرف الدين لاشاري جي ڪڻڪ جي ديري تي ويو ته شرف الدين لاشاري ۽ ٻين ڪهاڙيون هڻي ڏاند جي اڌ ڄنگھه ڪپي ڇڏي، هن چيو ته ڀلاري مهيني ۾ بي زبان جانور کي ظالمن ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪيو آهي، هن چيو ته جوابدارن سان پلاٽ جي معاملي تي تڪرار پڻ هلندڙ آهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.