فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ڀرسان تشدد ڪري رسن سان ٻڌي مٿي جا وار ڪتري عورت جي تذليل ڪرڻ واري معاملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڳوٺ ڦولهڙي واسي متاثر عورت بشيران زال گاجي لاشاري فيض گنج ٿاڻي تي پهچي 4 عورتن سميت 7 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ورتو آهي، ڪيس ۾ راحت خاتون، مسمات ڪونج، مسمات گلزار، مسمات ارشاد خاتون، نواب لاشاري، قاسم ۽ سڪندر کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ فريادڻ ڄاڻايو ويو آهي ته سڪندر ۽ ٻين کي پنهنجي گهر اچڻ وڃڻ کان منع ڪيو، جنهن تان جوابدار ڪاوڙيل هئا، گذريل ڏينهن صبح جو پاڙي مان لسي وٺڻ پئي ويس ته ڄاڻايل جوابدارن رستي تان پڪڙي نواب لاشاري جي گهر وٺي وڃي هٿ پير ٻڌي تشدد ڪري زخمي ڪيو ۽ مٿي جا وار ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻايو، هوڏانهن پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن