فيض گنج  (ن پ ا) فيض گنج جي 5 مزدور جي بازيابي لاءِ سول سوسائٽي ۽ وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ريلي  ڌرڻو هنيو ويو. فيض گنج جي ڳوٺ کنڊو خان ڀشر واسي 5 پورهيتن راشد شر، قرب علي شر، سعيد الله شر، حليم الله شر  ۽ علي ڏنو شر کي ڪراچي مان کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف سول سوسائٽي سندن وارثن پاران سٽي پريس ڪلب فيض گنج کان ريلي ڪڊي مک پڪاچانگ چوڪ تي پهچي احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي عطا حسين، خادم شر، تصوير باقي، گلن حسن، غلام اڪبر شر ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ کنڊو خان شر واسي 5 پورهيتن کي نامعلوم ماڻهن پاران کنڀي گم ڪيو ويو آهي هنن چيو ته پورهيت ڪراچي ۾ هڪ ڪمپني ۾ ڪم ڪندا هئا جتان هنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي هنن چيوته مزدورن جو ڪوبه قصور نه آهي سنڌي هجڻ ڪري هنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته  کنڀي گم ڪيلن کي جلد بازياب ڪرائي وارثن سان انصاف ڪرايو وڃي.