فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج اسپتال ۾ هڪ هفتي کان بجلي بند هجڻ سبب لکين رپين جون قيمتي دوائون ضايع ٿي ويون. سرڪاري اسپتال جي بجلي هڪ هفتي کان بند هجڻ باوجود آگاهي ڏيڻ باوجود صحت کاتي جي اختيارين معاملي جو نوٽيس نه ورتو. اسپتال ۾ بجلي نه هجڻ ڪري فرجن ۾ پيل لکين رپين جون دوائون خراب ٿي ويون آهن. ان سلسلي ۾ اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته بجلي ٽرانسفارمر خراب هجڻ ڪري اسپتال جي بجلي بند پيل آهي، اختياريون نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪرائين.