اسلام آباد(م ڊ) دفاعي تجزياڪارن جو چوڻ آهي ته فيض حميد 9 مئي سانحي ۾ ملوث هو، اهو سڀ هن عمران ان جي هدايت تي ڪيو. هڪ پارٽي جي حمايت ملڪي مفاد ۾ ناهي. سنڌ جي اڳوڻي نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو ته فيض حميد 9 مئي واقعن ۾ ملوث هو هن باني پي ٽي آءِ جي هدايت تي سڀ ڪجهه ڪيو. احمد سعيد چيو ته فيض حميد هڪ پارٽي جي حمايت ڪئي جيڪا ڳالهه ملڪي مفاد ۾ نه هئي. اڳوڻي اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو ته سڀني کي پيغام ملي ويو ته ڪو ڪيترو ئي طاقتور ۽ بااختيار هجي قانون جي تابع هوندو آهي.