راولپنڊي(م ڊ) ملڪ جي سيڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته فيض حميد مخصوص سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو، گذريل حڪومتي دور ۾ فوج کي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ جي واردات جي ڪوشش ٿي هئي، فوج لاءِ سموريون سياسي جماعتون احترام لائق آهن، فوج آئين جي وفادار هوندي آهي، ان جي ڪا به سياسي سوچ نه هوندي آهي، فيض حميد تي الزام آهي ته هو سياسي ارادن سان ڪم ڪري رهيو  هو، فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ٿي رهيو آهي، نريندر مودي ڀارتي فوج کي سياسي بڻايو ۽ مخالفن خلاف ڪارروائي ڪئي، هٽلر به جرمن فوج کي سياسي سوچ تحت هلائي رهيو هو، پاڪستاني فوج سان به اهڙو ڪجهه ڪرڻ لاءِ واردات ڪئي وئي، ذريعن موجب سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته فيض حميد به ذميوار عهدي تي ويهي مخصوص سياسي جماعت کي مٿي آڻي رهيو  هو، فوج جو حڪومت ۾ اقتدار تي موجود سياسي جماعت سان غير سياسي تعلق هوندو آهي، سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته لڪي مروت ۾ ڪرمنل گينگز ڪم ڪري رهيون آهن، ڪارروائيون ڪيون ٿا ته مظاهرا ڪرايا وڃن ٿا، لڪي مروت ۾ فوج صوبائي حڪومت جي درخواست تي ذميواريون سرانجام ڏئي رهي آهي، صوبائي حڪومت جڏهن به چيو ته فوج لڪي مروت مان واپس هلي ويندي، سيڪيورٽي اختيارين موجب دهشتگردن کي پڪڙيون ٿا، عدالتون ثبوت نه هئڻ جو چئي ڇڏي ڏين ٿيون، دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ ڪرمنل جسٽس سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو، خارجي فتني سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، ماضي ۾ هڪ سياسي جماعت فسادين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، هاڻي به ائين چيو پيو وڃي، ڳالهين واري گذريل تجربي مان خبر پئجي وئي ته خارجي فتني سان ڳالهين جو ڪو به فائدو نه آهي.