پي ٽي آءِ باني جي فيض حميد جي سياسي يا ٻين معاملن ۾ پي ٽي آءِ جي رهنمائي ڪرڻ جي الزامن جي سختيءَ سان ترديد، پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته فيض حميد جنرل باجوا جي ماتحت هو ۽ ان جي اجازت سان ئي ملندو هو، 9 مئي سان تعلق ڳنڍڻ بيوقوفاڻو عمل آهي، جيڪي ماڻهو عوام ۽ فوج کي آمهون سامهون آڻڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي سڃاڻي ۽ روڪيو وڃي، اسان پنهنجو ملڪ ٽٽڻ نه ڏينداسين، فيض حميد جو معاملو فوج جو اندروني معاملو آهي، ان جو اسان سان ڪو به تعلق نه آهي، پي ٽي آءِ باني پنهنجي پيغا۾ چيو ته سول نافرماني کانسواءِ اسان لاءِ ٻيو ڪو رستو نه ڇڏيو ويو آهي، اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته سول نافرماني جي تحريڪ ڀرپور طريقي سان هلائي ويندي، پهريون قدم اوورسيز پاڪستانين جي ناڻي ۾ گهٽتائي جي مهم هوندي.