اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس ۾ 15 نومبر واري عدالتي ڪارروائي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو.حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي جو فيصلو 6 فيبروري 2019ع تي ڏنو، جنهن ۾ ماضيءَ جي پرتشدد واقعن جي حوالو ڏئي مستقبل لاءِ وارننگ ڏني وئي هئي، پر تقريبن پنج سال گذرڻ باوجود حڪومتن عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪيو ويو، حڪمنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيض آباد ڌرڻي جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواستون داخل ٿيون جيڪي ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو ويون جنهن سبب عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيو.سپريم ڪورٽ چيو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي کي نظر ۾ رکي نه ڪنهن کي ذميوار قرار ڏنو ويو نه ئي تشدد احتجاج تي احتساب ٿيو، فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي تي عمل نه ٿيڻ تي قوم نا انصافي جو نتيجو 9مئي واقعي جي صورت ۾ ڀوڳيو، عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري ذاتي مقصدن لاءِ پرتشدد واقعا ڪرڻ معمول بڻجي ويو، سپريم ڪورٽ ايترو وقت ڪيس مقرر نه ڪرڻ تي ذميواري قبولي ٿي، سپريم ڪورٽ قرار ڏئي ٿي ته ماضي جون غلطيون نه ورجايون وينديون، ادارن کان غلطي ٿئي ته تسليم ڪرڻ گهرجي، عوام جو ادارن جي عدم اعتماد آمريت کي هٿي ڏيندو آهي، جمهوريت جي نفي ڪندو آهي، پنهنجي ادارن کي داغدار ڪندڙ ادارن کي ناقابل تلافي پهچائيندا آهن، اهڙا ماڻهو پنهنجي ادارن جي نفي ڪري پنهنجي انا جي تسڪين ڪندا آهن، ڏسڻو پوندو ته فيض آباد ڌرڻو ڪيس ۾ عمل نه ڪندڙن خلاف ڇو نه توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي، فيصلي جي وقت جي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن تبديل ٿي چڪا، موجوده حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي انهن جي غلطين جو ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي، حڪومت انڪوائري ڪميشن جوڙي آهي جيڪا 2 مهينن ۾ رپورٽ ڏيندي، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 جنوري تي ٿيندي، اميد آهي ته انڪوائري ڪميشن فيض آباد ڌرڻي بابت وقت تي جاچ مڪمل ڪندي، اليڪشن ڪميشن پاران ٽي ايل پي فارين فنڊنگ بابت ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، حڪمنامي ۾ چيو ويو ته اڳوڻي پيمرا چيئرمين ابصار عالم پنهنجي اپيل بحالي جي درخواست ڏني جيڪا رد ڪئي وڃي ٿي، ابصار عالم چيو ته هو چيئرمين جي عهدي تي بحال نٿو ٿيڻ چاهي، اهي درخواستون 2019ع ۾ داخل ٿيون پر هيل تائين ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿيون، حڪمنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اها ڳالهه ورجائڻ جي ضرورت ناهي ته عدالت جي هر حڪم تي عمل ڪرڻ سمورين ايگزيڪيوٽو اٿارٽيز تي لازم آهي پر حڪمن تي عمل ان وقت رڪجي وڃي ٿو جڏهن نظرثاني جون درخواستون اچن، پر هاڻ سموريون نظرثاني اپيلون اڪلايون ويون آهن، سپريم ڪورٽ حڪمنامي موجب، شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته نظرثاني درخواست واپس وٺڻ چاهيان ٿو، عدالت هر هر پڇيو ته دارخواست داخل ڇو ڪئي، شيخ رشيد جي وڪيل جواب ڏنو غلط فهمي سبب درخواست داخل ڪئي. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته تعجب آهي ته اهڙو سياستدان جيڪو ڊگهي عرصي تائين پارليامينٽ ميمبر ۽ وفاقي وزير جهڙي اعليٰ منصب تي رهيو ان کي غلط فهمي ٿي وئي، جنهن سب نظرثاني درخواست داخل ڪئي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا شيخ رشيد نظرثاني درخواست ڪنهن جي چوڻ تي داخل ڪئي؟ جواب ورجايو ويو ته نظرثاني درخواست غلط فهمي جي بنياد تي داخل ڪئي.عدالتي حڪمنامي ۾ انڪشاف سامهون آيو آهي ته 25 اپريل 2019ع تي اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي هدايت تي درخواستون ڪاز لسٽ مان ڪڍيون ويون. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته نظرثاني درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿيڻ تي لاڳاپيل عدالتي اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ويو، ايڊيشنل رجسٽرار فيڪچر ۽ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل پنهنجي، پنهنجي رپورٽ ڏني، جنهن موجب، 25 اپريل 2019ع تي نظرثاني درخواستون فائنل ڪاز لسٽ جي ڊرافٽ ۾ منجهند هڪ لڳي ٻارنهن منٽن تي شامل ٿيون، ساڳي ئي ڏينهن رڳو پنج ڪلاڪن کانپوءِ تڏوهڪي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي هدايت تي شام پنج لڳي ڇهن منٽن تي اِهي درخواستون فائنل ڪاز لسٽ مان ڪڍيو ويون. حڪمنامي ۾ انڪشاف ٿيو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي حوالي سان نظرثاني درخواستن کي ماضي جي ٽن چيف جسٽس ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو.