اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم به سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻو ڪيس ۾ نظرثاني درخواست واپس وٺڻ لاءِ تيار، ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاران نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايم ڪيو ايم پاران وڪيل عرفان قادر نظرثاني درخواست واپس وٺڻ لاءِ درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪندو، ذريعن موجب 28 سيپٽمبر جي ٻڌڻي دوران وڪيل عرفان قادر جي غيرموجودگي تي عدالت نوٽيس جاري ڪيو هو، سپريم ڪورٽ ايم ڪيو ايم کان درخواست واپس وٺڻ يا ڪارروائي جاري رکڻ بابت جواب طلب ڪيو هو، وفاق، پي ٽي آءِ، اليڪشن ڪميشن، آءِ بي اڳ ئي نظرثاني درخواستون واپس وٺي چڪا آهن.