اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيض آباد ڌرڻو انڪوائري ڪميشن ڪم شروع ڪري ڇڏيو، فيض آباد ڌرڻو انڪوائري ڪميشن ڌرڻي بابت اڳوڻي جاچ رپورٽ سوڌو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، ڪميشن جي پهرئين اجلاس ۾ پيمرا کان وڊيو رڪارڊ گهرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، ايندڙ اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، اڳوڻي آءِ جي اختر علي شاهه جي صدارت هيٺ ٽي رڪني ڪميشن جي اجلاس ۾ ميمبر طاهر عالم والده جي بيماري سبب اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو، فيض آباد ڌرڻو ڪميشن 2017ع ۾ ٽي ايل پي جي ڌرڻي جي جاچ ڪري رهي آهي.