فيصل آباد(م ڊ) فيصل آباد ۾ ڦورن زال مڙس کي روڪي ورتو، ڦورن مڙس کي ٻڌي زال کي زيادتي جو نشانو بڻايو، موٽروي ويجهو واقعو پيش آيو، 3 ڦورو هئا، ڦورو موبائل فون ۽ پئسا به ڦري ويا. 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ياد رهي ته 3 سال اڳ به ساڳئي هنڌ اهڙو ئي واقعو پيش آيو هو، جنهن جو ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا ويا هئا.