فيصل آباد/ راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ ستن ڏينهن لاءِ 144 قلم لاڳو ڪيو ويو، 15 کان 21 مئي تائين  راولپنڊي ضلعي جي حدن ۾ قلم هڪ سئو چوئيتاليهه لاڳو رهندو. ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب انٽيليجنس رپورٽن موجب راولپنڊي جي حدن ۾ دهشتگردي جو خدشو آهي.  قلم 144 جي تحت پنڊي ۾ هر قسم جي سياسي ۽ مذهبي اجتماعتن تي پابندي هوندي. نوٽيفڪيشن موجب راولپنڊي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي هوندي، عورتن، ٻارن، پوڙهن، آرمي آفيسرن تي اها پابندي لاڳو نه هوندي. جڏهن ته لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي به پابندي هوندي، جنهن تحت اذان کان سواءِ ٻين سرگرمين لاءِ اسپيڪر جي استعمال تي به پابندي هوندي. ٻئي پاسي ساڳئي خدشي سبب پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ به هڪ هفتي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.