ڪراچي (م ڊ) فيصل آباد ويجھو ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ ڪوچ کي باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 18 مسافر  سڙي فوت ٿي ويا ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.  فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب روڊ تي بيٺل پڪ اپ سان ٽڪرائجڻ بعد مسافر ڪوچ کي باهه لڳي وئي. ڊي پي او ڊاڪٽر فهد ٻڌايو آهي ته 18 لاش ڪڍيا ويا آهن حادثي ۾ بس ۽ پڪ اپ وين جا ڊرائيور سڙي فوت ٿي ويا، حادثي ۾ 15 ڄڻا زخمي ٿيا آهن جن ۾ ڪيترن ئي جي حالت ڳڻي جوڳي آهي. ڊي پي او موجب پڪ اپ ۾ ڊيزل جا ڊرم رکيل هئا جنهن جي ڪري بس ۾ باهه لڳيوئي، مسافر بس ۾ 35 کان 40 مسافر سوار هئا، ڪراچي کان اسلام آباد بس وڃي رهي هئي. زنده بچي ويل مسافرن جو چوڻ هو ته بس ڪراچي کان اسلام آباد وڃي رهي هئي ته اوچتو گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو جنهن بعد بس ۾ باهه لڳي وئي، مسافرن کي باهه نڪرڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهيو. ڊي ايس پي احسان ظفر موجب فيصل آباد موٽروي تي پنڊي ڀٽيان ويجهو تقريبن صبح سوا چار وڳي حادثو پيش آيو، ٻئي گاڏيون سڙي مڪمل تباهه ٿي ويون.