جهول (رپورٽ: ممتاز شر) فيصلي تي آيل مهمانن جي بيعزتي ڇو ڪئي، جهول ويجهو چاچن هٿان ڀائيٽو قتل، خبر موجب ڳوٺ ڇٽو ڇانگ مان ڪجهه مهينا اڳ تيرت ميگهواڙ جي ڌيءُ ممتا گهران نڪري پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن جو گذريل رات فيصلو هيو، فيصلي دوران ڌرين ۾ منهن ماري ٿي پئي، جنهن بعد معززن وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاريو، جڏهن ته ڌريون واپس روانيون ٿي ويون، جنهن بعد گهر ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ چاچن لٺيون هڻي 40 سالا دادو ميگهواڙ کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سنجهورو تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي ڀاءُ نرسنگ ميگهواڙ چيو ته ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آهي، معمولي ڳالھه تان ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته دادو ميگهواڙ زخمي حالت ۾ سڄي رات گهر ۾ تڙپندو رهيو پر زميندار زخمي کي اهو چئي علاج لاءِ کڻڻ نه ڏنو ته پوليس ڪيس ٿي ويندو، سڀاڻي فيصلو ڪندس، جنهن ڪري هو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، پوليس جوابدارن جي عيوضي ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.