اسلام آباد (م ڊ) سينئر صحافي اعزاز سيد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان عمران خان جا ٻه ڪيس اهميت اختيار ڪر ويا آهن. خانگي ٽي وي تي تجزيو ڏيندي اعزاز سيد چيو ته خيبر پختونخواه ۾ امير حيدر هوتي، پرويز خٽڪ، بلوچستان ۾ عبدالمالڪ، اسلم رئيساڻي، پنجاب ۾ حمزه شهباز، عليم خان، عثمان بوزدارجا ڪيس بحال ٿيندا. جڏهن ته شاهد خاقان عباسي۽ مفتاح اسماعيل، مريم نواز لکي ڏنو هو ته نيب ترميمن مان فائدو نه وٺنداسين. هن چيو ته عمران خان انهن ئي نيب ترميمن ذريعي سندس ڪيس ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي، جيڪي عدالتي فيصلي سان ختم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هن فيصلي سان عمران خان جو توشا خانا ڪيس ۽ القادر ٽرسٽ ڪيس تبديل ٿي سگهن ٿا، القادر ٽرسٽ ڪيس وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي. هاڻي عمران خان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو بي ڏوهي آهي. هن فيصلي سان عمران خان کي گھڻو فائدو ٿيندو.