اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور شاهه چيو آهي ته جتي محسوس ٿئي فيصلو حڪومت جي خلاف ٿي سگهي ٿو ۽ ڪاميٽي اهو ڪيس ئي بئنچ کان واپس وٺي؟ ڪاميٽي طرفان عدالتي بئنچ کان ڪيس واپس وٺڻ سان ته عدليه جي آزاي جو خاتمو ٿي ويندو، سپريم ڪورٽ ۾ بئنچز جي اختيارن جو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪرڻ تي جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار عدالت آڏو پيش، ججز رجسٽرار کان سوال ڪيو ته ٻڌايو عدالتي حڪم جي باوجود ڪيس مقرر ڇو نه ٿيو؟ رجسٽرار جواب ڏنو ته بئنچز جي اختيارن بابت ڪيس آئيني بئنچ جو هو، غلطي ۾ ريگيولر بئنچ ۾ لڳي ويو، ان تي جسٽس عقيل عباسي چيو ته جيڪڏهن غلطي هئي ته اها عرصي کان جاري هئي، هاڻي ادراڪ ڪيئن ٿئي؟ مان ان ڪيس کي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌي چڪو هئس، جسٽس منصور شاهه چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جو ان معاملي تي اجلاس ڪيئن ٿيو؟ ڇا ڪاميٽي پاڻ اجلاس گهرايو يا اوهان پاڻ درخواست ڪئي؟ رجسٽرار جواب ڏنو ته اسان ڪاميٽي کي نوٽ لکيو هو، ان تي جسٽس منصور چيو ته جڏهن جڊيشل آرڊر موجود هو ته نوٽ ڇو لکيو ويو؟ آرڊر واضح هو ته ڪيس ڪهڙي بئنچ ۾ لڳڻو آهي، اسان کي نوٽ ڏيکاريو، جيڪو اوهان ڪاميٽي کي موڪليو، ان تي رجسٽرار ڪاميٽيءَ جو موڪليل نوٽ پيش ڪيو، جيڪو رجسٽرار آفيس جي نوٽ ۽ رجسٽرار جي موقف جي ابتڙ هو، ان موقعي تي جسٽس منصور چيو ته هن نوٽ ۾ غلطي جو اداراڪ ته ناهي ڪيو ويو، هن ۾ اوهان لکيو آهي ته 16 جنوري تي هڪ آرڊر جاري ٿيو آهي، اوهان هن آرڊر جي بنياد تي نئين بئنچ ٺاهڻ جو چئي رهيا آهيو، آرڊر ۾ ته اسان ٻڌايو هو ته ڪيس ڪهڙي بئنچ ۾ لڳڻو آهي، رجسٽرار عدالت کي ٻڌايو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽيءَ ڪيس آئيني بئنچ جي ڪميٽي کي موڪليو، آئيني بئنچز جي ڪاميٽيءَ آئيني بئنچ جي ڪاميٽي کي موڪليو، آئيني بينچز جي ڪميٽي آئيني ترميم سان لاڳاپيل ڪيسز 27 جنوري تي مقرر ڪيا. ترميم کان پوءِ جائزو ورتو ته ڪهڙا ڪيس بئنچ ۾ مقرر ٿي سگهن ٿا ۽ ڪهڙا نه، جسٽس منصور چيو ته ٿي سگهي ٿو ته هي ڪيس غلطي سان توهان جي هٿن مان نڪري ويو هجي پر جيڪڏهن اهو بئنچ ڏانهن اچي ٿو ته پوءِ ڪاميٽي جو ڪم ختم، ڪميٽي ڪيس هلڻ دوران واپس وٺي ٿي ته پوءِ عدليه جي آزادي ته ختم ٿي وئي، جتي اهو محسوس ٿئي ته فيصلو حڪومت جي خلاف ٿي سگهي ٿو، ته پوءِ ڪيس ئي بئنچ مان واپس ورتو وڃي، هي ڪيس توهان کان رهجي ويو ۽ اسان جي سامهون آيو، عدالت بئنچ اختيارڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.