اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان قانون ۽ انصاف واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪالهوڪي ان بيان کي ساراهيو جنهن ۾ هن چيو هو ته نگران حڪومت ان معاملي تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي جي پاسداري ڪندي. صدر آئين جي بالادستي کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته فيصلا آئين جي روح موجب ٿيڻ گهرجن.